سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي فروٽ جو ريڙهو هڻندڙ جي پٽ سي ايس ايس امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، نوجوان پنهنجي محنت سان اڳ به ڪميشن پاس ڪئي هئي، سکر جي رهواسي نوجوان ذيشان صالح چنا پنهنجي محنت ۽ قابليت سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، ذيشان صالح چنا سي ايس ايس 2021ع جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد اسسٽنٽ ڪمشنر جي لاءِ ايلوڪيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي لسٽ شايع ڪري ڇڏي آهي. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب نوجوان جو والد محمد صالح چنو سکر جي تير چوڪ واري علائقي ۾ ريڙهو هلائيندو آهي، نوجوان ذيشان اِن کان اڳ سي ايس ايس پاس ڪري ڪسٽم انٽليجنس ۾ آفيسر طور ڀرتي ٿي چڪو آهي.