سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ چوٿين هالار پريميئر ليگ جي فائنل ۾ هالار سلطان جي ٽيم ڪامياب. فائنل ميچ هالار هنٽر ۽ هالار سلطان وچ ۾ کيڏي وئي. هالار هنٽر پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ هالار سلطان جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري فائنل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. هالار سلطان جي رانديگر محمد حسيب لالا 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ٽيم کي فائنل ۾ ڪامياب ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اِن سان گڏ هن 3 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون. ٽورنمينٽ جي مهمان خاص ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، حنيف ميمڻ ۽ ٻين عهديدارن ونر ٽيم کي هڪ لک رپيا روڪ رقم، رنر ٽيم کي 50 هزار رپيا ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ فرحان ميمڻ کي عمري جي ٽڪيٽ ڏني. بالر آف ٽورنامينٽ محمد انس کي ٽرافي ڏني وئي.