سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ تيز رفتار ويگو جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل ٻن نوجوانن وارو معاملو، فوتين جي وارثن جو ڌرڻو، شهر ۾ شٽربند هڙتال، چونڊيل نمائندن جي خاطريءَ بعد روڊ کوليو ويو، پوليس پاران ويگو جي مالڪ مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، 3 ڏينهن اڳ ملٽري روڊ وٽ تيز رفتار ويگو جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان عثمان ميمڻ ۽ عبدالله ميمڻ فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته هڪ زخمي نوجوان کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿي ويل ٻنهي نوجوانن جي وارثن، واپارين توڙي شهرين رات دير سان سکر بندر روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري پنج ڪلاڪن تائين بندر روڊ ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند رهيو، ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مبين جتوئي، ن ليگ اڳواڻ به پهتو، ايم اين اي نعمان شيخ ڌرڻي واري هنڌ پهتو ته مظاهرين کيس گهيري ورتو، جنهن بعد ميئر ارسلان شيخ، ايس ايس پي اظهر مغل ڌرڻي واري هنڌ پهتا، جن ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي ته 24 ڪلاڪن اندر جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو، اهڙي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي جاويد ميمڻ اعلان ڪيو ته نوجوان عبدالله جي جنازي نماز ادا ڪرڻ تائين شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهندا، اهڙي سڏ کان پوءِ سکر جي شاهي بازار، صرافه بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، مشن روڊ، شهيد گنج، چوڙيگر بازار، اناج مارڪيٽ سميت ٻيون مارڪيٽون احتجاج طور بند رهيون، اِن ڏس ۾ ايس ايس پي دعويٰ ڪندي چيو ته ويگو مالڪ مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ويگو مالڪ مڪيش ڪمار سکر جي مقامي عدالت مان ضمانت ڪرائي ورتي، ذريعن موجب پوليس مڪيش ڪمار کي گرفتار ئي نه ڪيو هو، هن گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي.