سکر (بيورو رپورٽ) شديد گرميءَ کي نظر ۾ رکندي پيپرن جي ٽائمنگ تبديل ڪرڻ واري ڊپٽي ڪمشنر سکر جي تجويز رد، تعليمي بورڊ سکر جي انتظامن هيٺ 29 مئي اڄ کان يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان ٿيندا، سکر، خيرپور، گهوٽڪي ضلعن جي ساڍا 84 هزار اميدوارن لاءِ 144 امتحان سينٽر قائم ڪيا ويا، ڪاپيءَ جي روڪٿام لاءِ 27 انسپيڪشن ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون، جنھن ۾ ٽي عورتن جون ٽيمون به شامل آهن، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن  جا 84 هزار 546 اميدوار يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي امتحانن ۾ حصو وٺندا، 29 مئي اڄ ٻارهين جماعت جا اميدوار صبح جو انگريزي ۽ يارهين جماعت جا اميدوار منجهند وقت اردو جو پيپر ڏيندا، واضع رهي ته ڊپٽي ڪمشنر سکر شديد گرميءَ کي نظر ۾ رکندي يارهين ۽ ٻاهرين جماعت جي امتحانن جي ٽائمنگ تبديل ڪرڻ لاءِ بورڊ جي چيئرمين ڏانهن ليٽر اماڻيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته صبح جي وقت ۾ امتحان 9 کان 12 وڳي بجاءِ 8 کان 11 وڳي تائين ورتو وڃي، منجهند جو پيپر 2 کان 5 بجاءِ. 3 کان 6 وڳي تائين ورتو وڃي، جنهن کي تعليمي بورڊ جي اختيارين مڪمل طور تي نظر انداز ڪندي پيپرن جو ساڳيو پراڻو ٽائيم برقرار رکيو آهي.