سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي نگراني هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان اڄ سومر کان شروع ٿيندا، نائين ۽ ڏهين جماعت جي امتحان ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 10 هزار 542 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، نائين جماعت جا 57 هزار 269 ۽ ڏهين جماعت جا 53 هزار 273 اميدوار امتحان ۾ حصو وٺندا، نائين جماعت جي امتحان ۾ 38 هزار 647 مرد ۽ 18 هزار 622 عورت اميدوار حصو وٺنديون، ڏهين جماعت ۾ 36 هزار 494 مرد ۽ 16789 عورت اميدوار حصو وٺي رهيون آهن، ڪنٽرولر امتحانات امتياز ڀٽي ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات غلام مصطفيٰ پيزادو موجب مجموعي طور تي هڪ لک 10 هزار کان وڌيڪ اميدوارن لاءِ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 216 امتحاني سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، ٽنهي ضلعن ۾ 49 ميل، 36 في ميل ۽ 141 گڏيل امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 32 ڇاپا مار ٽيمون جوڙيون ويون آهن، اڄ سومر تي نائين جماعت جو انگريزي جو پيپر ورتو ويندو، اڱاري ڏينهن ڏهين جماعت جو ڪيميسٽري، جنرل ميٿاميٽڪس جو پيپر ورتو ويندو، جڏهن ته اربع 9 اپريل تي صبح جي وقت نائين جماعت جا اميدوار فزڪسس، اسلامڪ هسٽري، اڪنامڪس جو پيپر ڏيندا، ساڳي ڏينهن ڏهين جماعت جا اميدوار پاڪستان اسٽيڊي جو پيپر ڏيندا، نائين ڏهين جماعت جا امتحان 18 اپريل تائين جاري رهندا.