سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ۽ ٽن ٽائون ڪاميٽين وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي تان اختلاف، ٽائون ڪاميٽي ۾ ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي ڪوٺايل ميونسپل ڪارپوريشن جو اجلاس ۾ اختلاف خوش اسلوبي سان حل نه ٿي سگهيا، ميئر سکر پاران حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ٽيڪسيشن آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن انجنيئرز کان ڪم نٿا وٺي سگهو ته ٻڌايو ته مان توهان کان اها ذميواري واپس وٺان يا اوهان ميئر جي ذميواري سنڀاليو، مون کي ٻڌايو ته ڪم ڪيئن ڪجي؟ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو 8 جنرل اجلاس ڪالهه ميئر سکر ارسلان شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.، آمدني ۾ واڌ، شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي بابت غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ٽيڪسيشن کان شهر جي 3 درجن کان وڌيڪ اهم شاهراهن جي نقشن جي تياري ۽ ٽيڪس وصولي جي معاملي تي پڇاڻو ڪيو ويو، ڪم مڪمل نه ڪرڻ تي مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عملدار موقف اختيار ڪيو ته ان سلسلي ۾ ڪچي آبادي جو انجنيئر سيد رضوان شاهه تعاون نه ڪري رهيو آهي، جنهن تي ميئر سخت ناراض ٿي ويو، هن ميونسپل ڪمشنر کي فوري طور تي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايوان ۾ تجويز ڏني ته مستقبل ۾ جيڪي به سرڪاري آفيسر ۽ اهلڪار غير تسلي بخش ڪارڪردگي ڏيکارين يا حڪمن تي عمل نه ڪن ته انهن کي 2 شوڪاز نوٽيس ڏئي برطرف ڪيو وڃي، ايوان قرارداد جي به منظوري ڏئي ڇڏي، يوسي چيئرمين چيو ته ٽيڪسيشن آفيسر نقشي جي تياري جي حوالي سان ڪو به رابطو نه ڪيو ۽ اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، نقشي ۾ ڀوسا لائين، حسيني روڊ، نيوپنڊ روڊ، بچل شاھ مياڻي روڊ ۽ ٻيا مک روڊ شامل نه آھن، ميئر جڏهن ٽيڪسيشن آفيسر کان وضاحت طلب ڪئي ته هن انجنيئر رضوان شاهه جي ذميواري متعلق آگاهه ڪيو، جنهن تي ميئر چيو ته مان رضوان شاهه کي نٿو سڃاڻان، مان توهان کي سڃاڻان ٿو، توهان ڪم نٿا ڪري سگهو ته ٻڌايو. پوءِ مان توهان کان ذميواري واپس وٺان، ميئر کين سخت هدايتون ڏنيون ته يو سي چيئرمينن سان ملاقات ڪري نقشي وارو ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن مسئلو حل ٿي سگهي، ميئر چيو ته سکر جي ٽن درجن کان وڌيڪ شاهراهن تي ٽيڪس وصولي ميونسپل جو حق آهي، جڏهن ته گهٽين ۽ پاڙن مان ٽيڪس وصولي ٽائون ڪاميٽين جو حق آهي، ٽيڪسيشن آفيسر جلد معاملو حل ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي، اجلاس ۾ يوسي چيئرمينن صفائي سٿرائي بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، اجلاس ۾ ميئر شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبي جي جلد شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو، 24 ارب رپين جي پاڻي منصوبي متعلق ٻڌايو ته ان حوالي سان قانوني ڪاروائي مڪمل ڪئي وئي آهي، ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ ٽينڊر به جاري ڪيو ويندو.