سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ لاڳاپيل انتظاميا جي عدم دلچپسيءَ سبب مصروف ترين علائقن ۾ ڊرينيج جو گندو پاڻي بيهجي ويو. ڪاروبار متاثر ٿيڻ سان گڏ شهري به پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجيمنٽ، ۽ لاڳاپيل انتظاميا جي بي ڌيانيءَ سبب سکر جي گهنٽا گهر روڊ سميت ٻين علائقن ۾ گٽر جون ناليون ابتيون وهي رهيون آهن، جڏهن ته گٽر به اُٿلي پيا آهن، گندو پاڻي بيهڻ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي ويون اهن، ان سان گڏ خريداريءَ جي لاءِ ايندڙ ويندڙ شهري پڻ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. شهرين پاران ميئرسکر ميونسپل ڪارپوريشن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي غير ذميواري ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري پاڻي نيڪالي واري نظام کي بهتر بڻايو وڃي.