سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي، برساتن جي اڳڪٿي باوجود ڊرينيج نالن ۽ نالين جي صفائي لاءِ تحرڪ نه ورتو آهي، ناليون ابتيون وهڻ سبب ڪاروباري علائقي گهنٽا گهر وٽ ڊرينيج جو گندو پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته فروٽ مارڪيٽ، ڪريانه مارڪيٽ، مهراڻ مارڪيٽ، وڪٽوريه مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ توڙي بئراج روڊ طرف ايندڙ ويندڙ شهري توڙي خريداري لاءِ ڄاڻايل مارڪيٽن جو رخ ڪندڙ مرد، عورتون توڙي معصوم ٻار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، مقامي ماڻهن موجب گندو پاڻي بيهجڻ سبب بدبوءِ ڦهلجي وئي، هوٽلز توڙي ٻيو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، گهنٽا گهر وٽ لڳايل سبيلن سامهون به گندو پاڻي بيهجي ويو آهي، ميونسپل ڪارپوريشن پاران اڳواٽ جوڳا قدم نه کڻڻ سبب واپاري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته گهنٽا گهر وٽ ڊرينيج جو پاڻي بيهجڻ معمول بڻيل آهي، جيتوڻيڪ وڏيون دعوائون ڪيون ويون، پر هن وقت تائين ڊرينيج نظام درست ناهي ٿي سگهيو. واضع رهي ته اين ڊي ايم اي پاران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.