سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي 15- 15 سال قيد ۽ 3- 3 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جهانگير خان ڀيو جي عدالت منشيات ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن شريف عمراڻي ۽ روشن چوهاڻ کي 15- 15 سال قيد ۽ 3- 3 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، وڪيل مطابق 2 مئي 2023  تي روهڙي پوليس ڇاپو هڻي 160 ڪلو گرام ڀنگ هٿ ڪري 2  جوابدارن شريف عمراڻي ۽ رڪشا ڊرائيور روشن چوهاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو هو.