سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سي ٽي ڊي پاران ڌماڪيدار مواد هٿ ڪري گرفتار ڪيل چئن جوابدارن کي سخت پورهئي سان 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سي ٽي ڊي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سي ٽي ڊي سکر چئن جوابدارن منٺار علي، اڪرم شاهه، عبدالقدير ۽ ڪريم بخش کي 17 اپريل 2024ع تي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 20 نان اليڪٽريڪل ڊينٽونيٽر، 400 گرام نٽ بلٽ، بال بيئرنگ، ڪوڪا، 30 گرام ڌماڪيدار مواد ۽ 10 فوٽ سيفٽي فيوز وائر، 2 پسٽل 30 بور، 10 گوليون هٿ ڪيون هيون، سي ٽي ڊي ٿاڻي تي گناهه نمبر 03/2024 دهشتگرديءَ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پڌرائي مطابق دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئني جوابدارن کي سخت پورهئي سان 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.