سکر (بيورو رپورٽ) ضلع ڪائونسل سکر جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم جو بائيڪاٽ ڪري آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عبدالمجيد جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڊي پي سي ويهاري سينارٽي ۽ اهليت جي بنياد تي پروموشن ڏنا وڃن، رٽائر ملازمن کي گريجوئٽي ۽ پينشن نٿي ڏني وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته ٻين کاتن کان آيل ملازمن کي ضلعي ڪائونسل مان پنهنجي کاتن ڏانهن موڪليو وڃي، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ۽ ميڊيڪل الائونس ڏنو وڃي، هنن چيو ته ضلعي ڪائونسل چيئرمين ڪميل شاهه هڪ کان وڌيڪ ڀيرا خاطري ڪرائي آهي پر ان تي عمل ناهي ٿيو، هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.