سکر (بيورو رپورٽ) ضلع ڪونسل سکر جي هلندڙ مالي سال جي 19 ڪروڙ 21 لک روپين کان وڌيڪ جي خساري واري 5 ارب 12ڪروڙ 79 لک روپين جي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي، چيئرمين ضلع ڪائونسل سکر  سيد ڪميل حيدر شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ سمورن ميمبرن جي تجويزن کي آڏو رکندي ترتيب ڏني وئي آھي، بجيٽ 26-2025ع ۾ آمدني جو تخمينو 5 ارب 12 ڪروڙ 79 لک 27 ھزار روپيا رکيو ويو آهي، جڏھن ته خرچن جو تخمينو 5 ارب 32 ڪروڙ 79 ھزار 576 روپيا رکيو ويو آهي، بجيٽ جو خسارو 19 ڪروڙ 21 لک 51994 روپيا آهي، اھڙي ريت مالي سال 25-2024ع جي آمدني جو خرچ 560.433 ملين، ضلع ڪائونسل جي دڪانن جي مسواڙ ۽ پراپرٽي ٽيڪس 1.522 ملين، گذريل سال جي بچيل رقم 4.89 ملين، جڏھن ته ڪل آمدني جي رقم 566.849 ملين آھي، چيئرمين مالي سال 25-2024ع خرچن جو تفصيل ٻڌائيندي چيو تہ پگھارن لاءِ 275.940 ملين، پينشن لاءِ 80.134 ملين، رٽائرمينٽ جي مالي سهائتا لاءِ 27.95 ملين، ضلع ڪونسل جا ٻيا خرچ 68.24 ملين، ترقياتي ڪمن لاءِ 111.90 ملين جنھن ۾ 564.79 ملين ڪل رقم خرچ ٿي، ھن ٻڌايو ته ضلع ڪائونسل پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شھرين جي تفريح لاءِ ھڪ ريزورٽ جو منصوبو پڻ رکيل آهي، هن ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاھ پاران ھڪ روڊ جي تعمير کان علاوهه ڊپٽي ڪمشنر سکر پاران جنوجي روڊ، سکر جيم خانه، ضلعي جي 300 پرائمري اسڪولن لاءِ واشرومز جي سھولت، واڪنگ ٽريڪ روھڙي ۽ ذھين ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جون تجويزون پڻ آڏو آيون آھن، جن تي پڻ گڏيل صلاح مشاورت سان غور ڪيو ويندو، اجلاس دوران ضلع ڪونسل سکر جي ميمبرن پاران اوپن فورم دوران تعليم، صحت، ترقيات، امن امان، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽنگ کان علاوھ ضرورمند عورتن لاءِ سلائي مشينن، سولر پليٽن، ڪميونٽي سطح تي ڪمپيوٽر ڪوچنگ سينٽر، لائبريري جي قيام، شاگردن لاءِ ليپ ٽاپس جي فراھمي ۽ ٻين عوامي سھولتن بابت تجويزون پيش ڪيون ويون، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين ڪرنل عاطف اقبال جي اچڻ بعد هلندڙ اجلاس ڇڏي هليو ويو، جنهن بعد اجلاس جي ڪارروائي اختر مهر هلائي ۽  اوپن  فورم رکيو ويو، ان  دروان پ پ جي ميمبر تقي ڌاريجو ڳالهائيندي چيو  ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ايئر ايمبولنس جي سهولت ڏئي عوام دوست هجڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، عرض محمد ميراڻي چيو ته  ضلعي چيئرمين بجيٽ جي هلندڙ اجلاس مان اٿي وڃڻ سٺو عمل نه هو، بجيٽ اجلاس ۾ پري پري کان ميمبر آيل آهن،  عوام چونڊي ميمبرن کي هن ايوان مقدس ۾ پهچايو آهي، عبد الواحد ڪلوڙ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ضلعي چيئرمين اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو، جيڪڏهن ايترو مصروف هو ته بجيٽ جو اجلاس ڪنهن ٻئي ڏينهن تي گهرائي ها، اجلاس ۾ اندر پوليس اهلڪار هٿيارن سان گهمن ٿا اهو اسان کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اسان ڊڄڻ  وارا ناهيون.