اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪاميٽي سينيٽر محسن عزيز جي صدارت ھيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسئيشن جي صدر عثمان خان ۽ سيڪريٽري نويد اڪبر پي آر اي جي نمائندگي ڪئي
صدر پي آر اي عثمان خان چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل کي 108 ڏينھن گذري ويا آھن پر قاتل گرفتار ناھن ٿي سگھيا،3 جاچ آفيسر بدلي ٿي چڪا آھن، سيڪريٽري پي آر اي نويد اڪبر چيو ته سنڌ صحافين لاءِ خطرناڪ صوبو بڻجي ويو آھي
آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختيار چيو ته 13 آگسٽ تي جان محمد مھر کي شھيد ڪيو ويو، قاتل ڪچي واري علائقي ۾ ھليا ويا آھن، ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪيو آھي. 12 ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻو آھي، جلد شير محمد سميت ٻيا به پڪڙيا يا ماريا ويندا. تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو سنڌ حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ھي ھڪ جان محمد مھر ناھي ڪافي صحافي قتل ٿي چڪا آھن، عزيز ميمڻ سميت ڪافي صحافين کي ايم اين ايز، ايم پي ايز جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو، سکر ته صحافين لاءِ غزا بڻجي ويو آھي. سکر ۾ وڏيرا صحافين کي ڪنٽرول ڪندا آھن
اجي ڪمار لالواڻي کي نيب جي حراست ھيٺ اسپتال ۾ موجود شخص جي وڊيو ٺاھڻ تي قتل ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ راجا رفعت راجا چيو ته ڪنھن به ڏوھاري يا قاتل کي نه ڇڏيندس. 18 ڊسمبر تائين جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪنداسين يا مارينداسين، اِن لاءِ پوليس کي ڀلي ڪيترو به نقصان برداشت ڪرڻو پوي. ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار چيو ته 17 ڊسمبر شهيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي ڊيڊ لائين مقرر آھي