سکر (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا جون احترام رمضان آرڊيننس ۽ قيمتن تي ضابطن جي خلاف ورزين تي سخت ڪارروايون، اضافي اگهه وٺڻ تي 4 دڪاندارن کي 24 ڪلاڪن لاءِ جيل اماڻيو ويو، 71 هزار رپيا ڏنڊ وصول، خبر موجب احترام رمضان آرڊيننس ۽ قيمتن جي ضابطن جي پاسداري يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا 4 ماڻھن کي وڌيڪ اگھه وصول ڪرڻ تي 24 ڪلاڪن لاءِ جيل  اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 71 هزار رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو، انتظاميا سکر ضلعي جي روهڙي، پنو عاقل، نيو سکر، سکر سٽي ۽ صالح پٽ تعلقن ۾ وڏي پيماني تي معائنا ڪيا ۽ هوٽلن، گوشت، سبزي ۽ ٻين ضروري شين جي چڪاس ڪئي.