سکر (بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت ٻار سميت فوت، وارثن جو احتجاج، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، خبر موجب ڪنڌرا ويجهو فقير آباد واسي عورت منيزهه چاچڙ ڊليوري دوران ٻار سميت فوت ٿي وئي، ان ڏس ۾ فوت ٿي ويل عورت جي وارثن احتجاج ڪندي دانهيو ته منيزه زال ساجد چاچڙ کي ويم لاءِ سول اسپتال سکر داخل ڪيو هو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر اسپتال نه پهتو، مريضه کي سيکڙاٽ نرسن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته اسان کي ملڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، هنن ٻڌايو ته معلوم ڪرڻ تي چيو ويو ته صورتحال نارمل آهي، گذريل رات کان ڊاڪٽر ئي اسپتال نه پهتو، هنن چيو ته بعد ۾ خبر پئي ته منيزه رات جو ئي ٻار سميت فوت ٿي وئي آهي، جنهن جي تمام گهڻي رت وهي جنهن ڪري سندس موت واقع ٿيو، هنن الزام مڙهيندي چيو ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب عورت فوت ٿي آهي، صحت کاتي واري صوبائي وزير سميت لاڳاپيل عملدار نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪن.