سکر(بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ اين ايچ اي جي لاپرواهي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي ويو، سکر بئراج کان پوءِ لينسڊائون پُل به ٽريفڪ لاءِ بند، سکر روهڙي جاڙن شهرن طرف ايندڙ ويندڙ عوام عذاب ۾ مبتلا، پنوعاقل، صالح پٽ، ڪنڌرا جا رهواسي به پريشانين ۾ مبتلا، خبر موجب سکر ضلعي جي انتظاميا، پوليس توڙي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ناقص پلاننگ ۽ لاپرواهيءَ سبب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي. ٻن مهينن جي وڌيڪ عرصي کان گيٽن جي تبديليءَ جي سلسلي ۾ سکر بئراج ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور تي بند آهي، اهڙي صورتحال ۾ سکر روهڙي جاڙا شهر توڙي پنوعاقل ۽ ٻين آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ شهري متبال لينسڊائون پُل وارو رستو اختيار ڪن پيا، پر گذريل ٽن ڏينهن کان درگاهه صدرالدين شاهه بادشاهه جي عرس سبب سکر پوليس پاران لينسڊائون پُل وارو رستو به ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ پنوعاقل، روهڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا سميت ٻين علائقن کان ايندڙ ويندڙ شهرين کي متبادل طور تي روهڙي ٽول پلازا وارو رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ ٽول پلازا ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي اوور هيڊ پُل جي تعميرات سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ متعلق انتظاميا کي اڳواٽ ئي چڱي ريت آگاهي هئي پر اِن باوجود متبادل طور تي جوڳو ٽريفڪ پلان جاري ڪرڻ بجاءِ ناقص پلاننگ جو مظاهرو ڪندي لاڳاپيل اختيارين شهرين کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سموري ٽريفڪ هڪ روٽ طرف گامزن هجڻ توڙي اوور هيڊ پل جي تعمير وارو ڪم هلڻ جي نتيجي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي، اِن ڏس ۾ ٽريفڪ جام جي عذاب کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ منهن ڏيندڙ شهرين آصف ڀنڀرو، سيد جواد شاهه، بخش علي ڦلپوٽو، جاويد گهنڃو ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته درگاهه صدرالدين شاهه بادشاهه جي عُرس جي سلسلي ۾ جيترا ڏينهن لينسڊائون پُل کي انتظاميا ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو اُنهن ڏينهن ۾ سکر بئراج کي ٽريفڪ لاءِ انتظاميا کي متبادل طور تي کولڻ گهرجي ها، ڇو جو لينسڊائون پُل وارو رستو روهڙي سکر اچ وڃ وارن جي لاءِ آسان ۽ مختصر رستو آهي، سکر بئراج وارو ڪجهه مفاصلي تي ضرور آهي پر متبادل طور تي شهرين کي پريشانين کان بچائِي سگهجي پيو. پر انتظاميا عوام جي سهولتن کي نظر ۾ رکڻ بجاءِ ناقص پلاننگ اختيار ڪندي اڳ ئي اوور هيڊ پُل جي تعمير سبب بلاڪ رهندڙ نيشنل هاءِ وي وارو رستو اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، نتيجي ۾ شهري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿيڻ جي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ٽريفڪ جام ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي متبادل طور بهتر ٽريفڪ پلان جوڙي شهرين کي عذاب کان نجات ڏياري وڃي.