سکر (بيورو رپورٽ) سکر عدالت پاران خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪڻڪ ڪرپشن الزام ۾ گرفتار 3 عملدارن کي جوڊيشنل رمانڊ تي سينٽرل جيل ۽ 2 عملدارن کي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، نيب خوراڪ کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪڻڪ ڪرپشن الزام هيٺ گرفتار خوراڪ جي 5 عملدارن کي احتساب عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري سيشن ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو، پيش ڪيلن ۾ واجد مغيري، آفتاب احمد، عمران ڪمبوهه، عامر مگسي ۽ ظهير عباس مگسي شامل آهن، وڪيل ظاهر ڀنڀرو مطابق نيب جي جاچ آفيسر طرفان گرفتار 5 عملدارن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، عدالت خوراڪ کاتي جي 3 عملدارن واجد مغيري، آفتاب احمد ۽ عمران ڪمبوهه کي جوڊيشل رمانڊ تي سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته 2 عملدارن ظهير عباس مگسي ۽ عامر مگسي کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو.