سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ اڳواڻ وفاقي وزير مفتي اسعد محمود جو منظور ڪيل سکر حيدرآباد موٽر وي منصوبو پنجاب منتقل ڪرڻ واري فيصلي خلاف احتجاج ڪيو آهي، جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته جي يو آءِ جي مفتي اسعد محمود ڪوششن سان سکر، حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي منظوري حاصل ڪئي هئي جنهن جو افتتاح وزيراعظم پاڪستان ڪيو هو، تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير، راشد سومرو سميت ٻين شرڪت ڪئي ھئي ۽ منصوبي کي سنڌ جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو هو، جنهن سان سنڌ جي عوام کي تيز رفتار ۽ محفوظ آمد رفت جي سهولت ملندي، تجارتي ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيندو ۽ علائقي جي مجموعي ترقي ۾ مدد ملندي، هن چيو ته هڪ منظم سازش تحت سنڌ جي هن اهم رٿا کي رد ڪري پنجاب منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ سنڌ جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي، اهڙي فيصلي سان سنڌ ۾ احساس محرومي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ وفاقي حڪومت جي ناانصافي واري پاليسين جو پردو فاش ٿيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا سنڌ جي عوام کان جائز حقن تي آواز اٿارڻ جو بدلو ورتو پيو وڃي؟ ڇا سنڌ کي ترقي کان روڪڻ ۽ احساس محرومي ۾ مبتلا رکڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن.