گمبٽ/راڻيپور/ڪنب (نمائيدن وٽان) گمبٽ، راڻيپور ۽ ڪنب ۾ حيدرآباد سکر موٽروي جو ڪم بند ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، گمبٽ ۾ روھڙي کان حيدرآباد تائين سي پيڪ روڊ رولڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف شهرين، صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن محمد ادريس سومرو، صفدر سهتو، الھداد اڄڻ، انور حسين منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، راڻيپور ۾ شھرين ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ھمير حفيظ ميمڻ، اڪبرشاھاڻي، مڪيش ڪمار، جميل گھانگھرو، سرمد نثار ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪنب ۾ صحافين سانول ڳاھو، مريدراڄپر، مشتاق شيخ، ذاڪر تمراڻي، نويد تمراڻي، بخش علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مظاهرين چيو ته سکر کان لاھور اسلام آباد تائين موٽروي ٺھيل آھي، حيدر آباد کان ڪراچي تائين موٽروي ٺھي ويو پر سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي جو ڪم بند ڪرائي سنڌ جي عوام کي سفري سھولتن کان محروم بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ صوبي کي سي پيڪ جي ڪمن ۾ مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع نه ٿيڻ سبب سنڌ جو عوام سفري سھولتن کان محروم آھي، قومي شاھراهه تي رش سبب حادثن ۾ ھزارين جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، موٽروي معاملي تي چونڊيل نمائندا مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آھن، هنن چيو ته هنن مطالبو ڪيو ته سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم فوري طور شروع ڪرائي سنڌ جي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.