سکر (بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشن ۽ لاڳاپيل عملدارن جي عدم دلچسپيءَ سبب مختلف علائقا پاڻي فراهمي کان وانجهيل آهن. سکر جي نيوپنڊ، بوسا لائين، اسلام ڪالوني، درزي محلا سميت ٻين علائقن ۾ هڪ هفتي کان پاڻي سپلاءِ نه ٿيڻ سبب شهري پريشانين جو شڪار آهن. اِن ڏس ۾ متاثر علائقن جي رهواسين سرفراز عباسي، بابر شيخ، عمران شاهه، عاقب عباسي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي علائقن ۾ هڪ هفتي کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، شديد گرمي ۽ پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري عذاب ۾ مبتلا آهن، رڌ بچاءٌ ۽ گهريلو استعمال لاءِ به گهرن ۾ پاڻي موجود ناهي، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ڪاميٽِز توڙي لاڳاپيل عملدارن کي شڪايتون ڪيون آهن، پاڻي کوٽ جي شڪايتن باوجود ڪو ازالو ناهي ٿيو. نتيجي ۾ متاثر علائقن جا رهواسي ڏورانهن علائقن ۾ لڳل جَري نلڪن، فلٽر پلانٽس لاءِ ضرورت موجب پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، سرندي وارا شهري پئسن عيوض به پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.