سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي تاريخي ماڳ لاکين جو دڙي جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان آرڪيالاجي شعبي لطيف يونيورسٽي جي اڳوڻي چيئرمين چيئرمين غلام مصطفي شر ۽ ثقافت کاتي آثار قديمه سکر جو ڊائريڪٽر خير محمد قريشي جي نگراني ۾ کوٽائي شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا 15 مئي تائين جاري رهندي، کوٽائي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور آرڪيالاجي شعبي جا شاگرد پڻ حصو وٺي رهيا آهن. آرڪيالاجي ماهر غلام مصطفي شر موجب کوٽائي دوران ڪچين سرن جا پنج ميٽر اوچا ۽ پنج ميٽر ويڪرا پليٽ فارم مليا آهن. جيڪي ان دور ۾ ھتي رھندڙ ماڻهن ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ ٺاهيا ھئا. ساڳئي انداز وارا پليٽ فارم موھن جو دڙو، ڪوٽڏيجي جي ڀرسان ڏيجي جي دڙي تان پڻ مليا هئا. اھي پليٽ فارم اوچا ان جي ڪري ٺاهيا ويا هئا ته جيئن ٻوڏ، برسات جو پاڻي گھرن کي ٻوڙي نه سگھي. لاکين جي دڙي جا چار دور ملن ٿا. ٽي دور زمين ھيٺ آهن ھڪ دور زمين مٿان آهي. جنھن جي نشاندهي ڪئي آهي. کوٽائي دوران حقيقي پٿر نما چرٽ جيڪي طور ماپ ۾ ڪم ايندا هئا. جن کي بينڊيٽ چرٽ چوندا آهن، ان کان علاوه ٽامي جا مڻيا ۽ ٻيو گهڻو سامان مليو آهي. هن وقت ٻارنهن ھنڌن تان کوٽائي ھلي پئي. کوٽائي جي ھڪ مھيني جي عرصي دوران پوري دڙي جي رخ ۽ ٽائون پلاننگ کي ڏسنداسين. ھن چيو ته لاکين جي دڙي تي ميوزيم ٺاهي رکيو وڃي ته جئين ملندڙ نوادارات اُتي عوام لاءِ رکي سگهجن.