سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) پبلڪ هيلٿ اختيارين جي نااهلي، شهر جا مصروف ترين علائقا ڊرينيج جي گندي پاڻيءَ اچي ويا، ڪاروبار متاثر، چونڊيل نمائندا، ميونسپل ۽ ضلعي انتظاميا به خاموش تماشائي بڻيل. تفصيل موجب سکر ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي ۽ بي ڌيانيءَ سبب گھنٽا گھر سکر، مھراڻ مرڪز، بئراج روڊ، ٽانگا اسٽينڊ روڊ تي ڊرينيج جو گندو پاڻي تلائن جي  صورت ۾ بيھجي ويو، ڄاڻايل مک روڊن سان گڏ وڪٽوريا مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ، فروٽ، گوشت مارڪيٽ، مڇي مارڪيٽ، مان منڊي سميت مختلف مارڪيٽن ڏانھن خريداري لاءِ ايندڙ ويندڙ شھري پڻ گندي پاڻي مان گذري وڃڻ تي مجبور آھن، جنھن جي نتيجي ۾ شھرين کي تمام گھڻيون مشڪلاتون درپيش آھن. جڏھن ته تجارتي سرگرميون پڻ شديد متاثر ٿي رھيون آھن. اِن ڏس ۾ تاجر اڳواڻن جئرام داس، سيٺ چندرن ڀان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي رھيون آھن. سکر انتظاميا شهر جي نيڪال نظام کي مستقل بنيادن تي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطلبو ڪيو ته شهر جي نيڪال نظام جي بحاليءَ لاءِ جٽادار اپاءَ ورتا وڃن. هوڏانهن ايڊمنسٽريٽر سکر ميونسپل ڪارپوريشن علي رضا انصاري موجب مياڻي پمپنگ اسٽيشن تي شارٽ سرڪٽ سبب موٽرون بند ٿيڻ جي ڪري گھنٽا گھر ۽ ٻين علائقن ۾ ڊرينيج جو پاڻي روڊن تي نڪري آيو آھي. جلد پمپنگ اسٽيشن کي فعال ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو.