سکر: تعليمي بورڊ سکر اهم فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي شاگرد، شاگردياڻيون پنجين کان اٺين جماعت پاس ڪري اڳتي نه پڙهي سگهيا آهن انهن لاءِ اڳتي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو
تعليمي بورڊ موجب 2018کان اڳ پنجون ۽ 2021 اٺون پاس ڪندڙ اميدوار هاڻي نائين ۽ ڏهين جماعت جو گڏيل امتحان ڏئي سگهن ٿا
تعليمي بورڊ جي پڌرائي موجب اهڙا اميدوار 2024 جي سالياني امتحان ۾ نائين ۽ ڏهين جا گڏيل پيپر ڏئي ميٽرڪ ڪليئر ڪري سگهن ٿا
سال 2021 ۾ ميٽرڪ پاس ڪندڙ اميدوار هاڻي يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان به گڏ ڏئي سگهن ٿا، تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري جي صحي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو
سائنس، جنرل، اڪنامڪس سميت ٻين سبجيڪٽس ۾ اميدوار پنهنجي رهيل ميٽرڪ ۽ انٽر جي ڊگري مڪمل ڪري سگهن ٿا