سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بيراج جي 16 دروازن کي تبديل ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي, ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن بيراج جي پاڻي جي پانڊ ليول ۾ ردبدل ڪندي ڪافر ڊيم ٺاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، دروازن جي تبديلي واري ڪم جو افتتاح 20 آڪٽوبر تي ڪيو ويو هو پر چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران ٻيا ڪم اڪلائڻ بعد ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان بيراج بابت ڄاڻو ماڻهن کان مليل معلومات موجب نوان 16 دروازا اڳ لڳل دروازن کان مختلف هوندا ۽ انهن جو ميڪانڪي نظام جدا هوندو، اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انهن 16 دروازن ۾ اهي ٻه دروازا به شامل آهي جيڪي هلندڙ سال خريف مند ۾ ٽٽي پيا هئا،، جيڪي ڪراچي شپ يارڊ ڪمپنيءَ کان ٺهرايا ويا هئا ۽ انهن مان 47 هين دروازي کي لڳايو ويو هو، جڏهن ته 44 هون دروازو اڃا تائين شپ يارڊ وٽ موجود آهي ۽ هاڻ 16 دروازا چائنا جي ڪمپني پاڻ تيار ڪري پئي، جن جي ڊزائن مختلف آهي، ان ڪري سکر ۾ لڳ ڀڳ ٻن نظامن جا دروازا ڪم ڪندا جيستائين رهيل 50 دروازا تبديل ٿين، ذريعن موجب سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران اٽليءَ کان به هڪ صلاحڪاري ڪمپنيءَ کي گهرايو آهي جيڪا ايندڙ هفتي بيراج جو جائزو وٺي رپورٽ تيار ڪندي، هوڏانهن آبپاشي کاتي اڳ تيار ٿيل 44 ۽ 47 دروازن بابت فيصلو ڪيو آهي ته انهن کي چائنا جي طرز تي ٺهندڙ دروازن موجب ري ڊزائن ڪري ايمرجنسي مقصدن لاءِ رکيو ويندو، ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي شپ يارڊ ان حوالي سان واڌو رقم نه وٺندي، هن وقت تائين انهن ٻن دروازن تي 40 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ خرچ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 20 آڪٽوبر تي افتتاحي تقرير دوران سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙي موجب 16 دروازن تي 16 کان 17 ارب رپيا خرچ جو ڪاٿو آهي، ٻئي پاسي سکر بيراج تان کڻت گهٽجي وئي آهي، ڪافر ڊيم جي ڪم سبب پانڊ ليول ۾ فوٽ ڏيڍ گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ بيراج تان ڪينالن ۾ کڻت 31400 ڪيوسڪ جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 28240 ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ گهٽجي ويندي جنهن سبب ربيع جي فصل لاءِ پاڻي فراهمي گهٽجڻ جا امڪان آهن.