سکر (بيورو رپورٽ) سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين ۽ ملازم يونين وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو، بورڊ ۾ ملازم يونين تي بليڪ ميلنگ جا الزام مڙهي يونين تي پابندي مڙهڻ وارو توڙي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ بدلين وارا آرڊر ڪينسل ڪيا ويا، اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين رفيق احمد پلهه ڪجهه ڏينهن اڳ ايمپلائيز سروس ايسوسئيشن تي پابندي لڳائڻ وارو آرڊر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته تعليمي بورڊ سکر جي ايمپلائيز سروس ايسوسيئيشن آفيسيرن کي بليڪ ميل، هراسان ۽ ڌمڪائي رهي آهي، آفيسرن کي حراسان، بليڪ ميل ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي تعليمي بورڊ ۾ ملازم ايسوسيئيشن تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، بليڪ ميلنگ، هراسمينٽ آفيسر خوف ۾ مبتلا آهن، نتيجي ۾ آٽوميشن پروگرام ۽ آفيس ڪم ڪار شديد متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صدر ايمپلائيز ايسوسيئيشن غلام مصطفيٰ پيرزادو جو چوڻ هو ته چيئرمين رفيق پلهه جا الزام بي بنياد آهن، بلاجواز ملازمن کي تنگ ڪرڻ، هراسان ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، ڪالهه ٻنهي ڌرين ۾ سرچاءُ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين پاران ايمپلائيز ايسوسيئيشن تي بليڪ ميلنگ وارو الزام هڻي لڳايل پابندي وارو پنهنجو ئي حڪم نامو هڪ آرڊر ذريعي ڪينسل، يا اُن تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.