سکر (بيورو رپورٽ) تعليم بورڊ سکر پاران يارهين جماعت جو نتيجو پڌرو، پري انجنيئرنگ ۽ پري ميڊيڪل گروپ ۾ 185 اميدوار سمورن پيپرن ۾ فيل، تعليم بورڊ سکر جي ڪنٽرولر امتحان عبدالفتاح مهر ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحانات غلام مصطفيٰ پيرزادو جي صحيءَ سان يارهين جماعت جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو،يارهين جماعت پري ميڊيڪل گروپ جي نتيجي موجب 29 هزار 829 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، 26 هزار 651 اميدوار سمورن ڇهن ئي پيپرن ۾ پاس ٿيا، 1802 اميدوار هڪ پيپر، 437 اميدوار ٻن پيپرن،527 اميدوار ٽن پيپرن، 63 اميدوار چئن، 67 اميدوار پنجن پيپرن ۾ فيل ٿيا، جڏهن ته 106 اميدوار سمورن ڇهن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيا، تعليمي بورڊ جي اختيارين پري ميڊيڪل گروپ جي 176 اميدوارن جا مختلف سببن ڪري نتيجا روڪيا، ساڳي ريت يارهين جماعت پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 12 هزار 393 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جن مان 10 هزار 353 اميدوار سمورن ڇهن ئي پيپرن ۾ پاس ٿيا آهن، 1196 اميدوار هڪ پيپر، 573 ٻن پيپرن، 79 ٽن، 26 اميدوار چئن ۽ 26 اميدوار پنجن پيپرن ۾ فيل ڄاڻايا ويا آهن، 79 اميدوار سمورن ڇهن ئي پيپرن ۾ فيل ٿي ويا آهن، پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 110 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن جي ڪري روڪيو ويو.