سکر (بيورو رپورٽ) وڏي وزير جي منظوريءَ سان تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين کي عهدي تان هٽايو ويو، اروڙ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي ٽن مهينن لاءِ تعليمي بورڊ سکر جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، رفيق پلهه جي دور ۾ ٿيل بورڊ جي رٽائرڊ، هٽايل عملدارن سميت پهرين کان 17 هين گريڊ تائين ڊيلي ويجز تي ڪيل ڀرتين جي جاچ لاءِ ٻه رڪني ڪاميٽي قائم، 15 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت،  رپورٽ موجب يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ. وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين جي منظوريءَ سان تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين رفيق احمد پلهه کي عهدي تان هٽائي اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر زاهد کنڊ کي ٽن مهينن لاءِ چيئرمين تعليمي بورڊ سکر جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، اختيارين جي منظوري سان هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي تعليمي بورڊ سکر ۾ رفيق پلهه جي دور ۾ رٽائرڊ توڙي هٽايل عملدارن سميت پهرين کان 17 هين گريڊ تائين ڊيلي ويجز تي ڀرتين واري معاملي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري يونيورسٽيز ايندڙ بورڊ سهيل انور بلوچ ۽ وائيس چانسلر اروڙ رونيورسٽي زاهد کنڊ تي ٻڌل ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جوڙيل ٽيم کي 15 ڏينهن اندر تعليمي بورڊ سکر ۾ پهرين کان 17 هين گريڊ جي ڀرتي ٿيل ڊيلي ويجز ملازمن بابت جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.