سکر (بيورو رپورٽ) سکر تعليمي بورڊ آن لائن آٽوميشن ۽ اي مارڪنگ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو، سال 2025ع دوران نائين ۽ يارهين جماعت جا امتحان ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالاجي ذريعي ورتا ويندا، امتحاني نظام ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي آن لائن سسٽم ذريعي بهتر انداز سان برقرار رکيو ويندو، تفصيل موجب سکر تعليمي بورڊ انتظاميا نائين ۽ يارهين ڪلاس جي سالياني 2025ع جي امتحان ۾ جديد ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، سکر تعليمي بورڊ ۾ آن لائن آٽوميشن ۽ اي مارڪنگ سسٽم جو افتتاح اروڙ يونيورسٽي آف آرڪيٽيڪچر اينڊ ڊزائين جي وائيس چانسلر پروفيسر زاهد کنڊ، چيئرمين تعليمي بورڊ رفيق پلهه، سيڪريٽري عبدالقيوم ڪنڌر، غلام مصطفيٰ پيرزادو ۽ ٻين سان گڏجي ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر زاهد کنڊ چيو ته هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال واري هڪ نئين دنيا اڏجي رهي آهي، جيڪڏهن اسان دنيا سان گڏ نه هلياسين ته پوئتي رهجي وينداسين، اها ڳالهه عام ڪئي پئي وڃي ته الفا جنريشن جي ترقي جو راز جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ سمايل آهي، استاد ڄاڻ منتقل ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استادن کي موبائل ٽيڪنالاجي ۾ ٿيندڙ تبديلين تي پڻ نظر رکڻي پوندي، هن چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جو سکر تعليمي بورڊ جي انتظاميا ورهين جي محنت بعد موبائل ايپ لانچ ڪئي آهي، تاريخ جو حصو رهندو ته آغا خان کانپوءِ ڪئميرج ۽ پوءِ فيڊرل تعليمي بورڊ جي انتظاميا ڪمپيوٽرائيزڊ آن لائن سسٽم متعارف ڪرايو، رفيق پلهه ڳالهائيندي چيو ته پهريون ڀيرو سکر تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ يارهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا امتحاني فارم آن لائين ڀريا ويا آهن، جڏهن ته امتحان ۾ جديد آنسر ڪاپي جو استعمال ڪيو ويندو، امتحان وٺڻ جي ٿورن ڏينهن بعد نتيجو بورڊ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو، ڪمپيوٽر يا وري موبائل ذريعي ڪو به شاگرد گهر ويٺي نتيجو آساني سان ڏسي سگهندو.