سکر بئراج وٽ چاڙهه: 2 ڏينهن ۾ 16 نوان در لڳائڻ جا جتن: ڪافر ڊيمن تي دٻاءُ: لاڳت ۾ به 2 ارب واڌ

0
42
سکر بئراج وٽ چاڙهه: 2 ڏينهن ۾ 16 نوان در لڳائڻ جا جتن: ڪافر ڊيمن تي دٻاءُ: لاڳت ۾ به 2 ارب واڌ
سکر بئراج وٽ چاڙهه: 2 ڏينهن ۾ 16 نوان در لڳائڻ جا جتن: ڪافر ڊيمن تي دٻاءُ: لاڳت ۾ به 2 ارب واڌ

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سکر بئراج وٽ پاڻي چاڙهه : 16  نوان در 31 مئي کان اڳ مڪمل ڪرڻ جا جتن، بئراج وٽ پاڻي وڌڻ بعد دروازن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ڪافر ڊيمن تي دٻاءُ وڌي ويو، لاڳت ۾ 2 اربن جي واڌ، ان ڏس ۾ ورتل جائزي موجب 20 آڪٽوبر تي سکر بئراج جي 44، 45،46، 47، 48، 49، 50، 51، 52، 53، 54، 55، 56، 57، 58 ۽ 59 نمبر دروازن جي تبديلي واري رٿا جو افتتاح ڪري سکر بئراج کي اچ وڃ لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. آبپاشي کاتي موجب انهي  رٿا کي مئي جي پهرين هفتي ۾ مڪمل ٿيڻو هو، انهي لاءِ ڪافر ڊيم ٺاهي پاڻيءَ جي پانڊ ليول ۾ به ردوبدل ڪئي وئي.  چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران بنيادي ڪم اڪلائڻ بعد درن جي تبديلي واري ڪم جي شروعات نومبر ۾ ڪئي وئي، بئراج بابت ڄاڻو ماڻهن کان مليل معلومات موجب 16 نوان دروازا اڳ لڳل دروازن کان مختلف آهن،  انهن جو ميڪانڪي (ميڪنيڪل) نظام به جدا رکيو ويو آهي. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته تبديل ٿيندڙ 16 دروازن ۾ 44 هون ۽ 47 هون دربه شامل آهن، جيڪي گذريل سال خريف مند ۾ ٽٽي پيا هئا. اهي در هنگامي بنيادن تي  ڪراچي شپ يارڊ کان ٺهرايا ويا هئا، ايمرجنسي ۾ 47 هين دروازي کي لڳايو ويو هو. جڏهن ته 44 هون دروازو اڃا تائين شپ يارڊ وٽ موجود آهي، چائنا جي ڪمپني 16 نوان در پاڻ تيار ڪري پئي، جن جي ڊزائين پراڻن درن کان بنهه مختلف آهي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته شپ يارڊ مان ٺهيل ٻنهي دروازن کي به نان ڪائونٽر ويٽ هيٺ تبديل ڪيو ويندو. 16 دروازن جي تبديلي کانپوءِ سکر  بئراج ۾ ٻن نظامن جا دروازا ڪم ڪندا. ذريعن موجب اٽليءَ جي به هڪ صلاحڪاري ڪمپنيءَ بئراج جي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو پر اها رپورٽ اڃا سامهون ناهي آئي. جائزي دوران معلوم ٿيو ته درن واري رٿا تي ٻن ارب رپيا واڌو خرچ ٿيو آهي، جنهن لاءِ ورلڊ بينڪ کي ڪاسٽ ويليو موڪلي وئي آهي. هوڏانهن آبپاشي کاتي جي ذريعن دعويٰ ڪئي  آهي ته بئراج ۾ نوان 16 دروازا لڳي چڪا آهن. پر عملي طور تي انهن 16 درن جون 50 سيڪُڙو آپريٽنگ مشينون مس لڳي سگهيون هيون، ذريعن موجب 31 مئي تائين سمورن 16 دروازن جو آپريٽنگ مشينون لڳي وينديون. دريائي وهڪري ۾ واڌ سبب سول ورڪ توڙي ڪافر ڊيم هٽائڻ واري ڪم ۾ ڏکايون وڌي ويون آهن ڪافر ڊيم هٽائڻ وارو عمل انتهائي ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، مٿان وري ڪوٽڙي بئراج کي گهربل پاڻي جي فراهمي به روڪي نٿي سگهجي. هوڏانهن سکر بئراج جي درن جي تبديلي واري ڪم جي انچارج انجنيئر زاهد مغل جو چوڻ هو ته ڪم پنهنجي مدي موجب مڪمل ٿي ويوآهي، 31 مئي تي 16 نوان دروازا ڪم ڪندا، بئراج وٽ  پاڻي وڌڻ سبب پيش ايندڙ ڏکائين کي چيني ڪمپني جا انجنيئر خوش اسلوبي سان منهن ڏيئي ويندا،  جلد ڪافر ڊيم به هٽايا ويندا.

هڪ بئراج 2 نظام: ريگيوليشن ۾ وڏا ڏچا ٿيڻ جا امڪان

سکر: سکر بئراج ۾ 20 ارب رپين جي لاڳت سان تبديل ٿيندڙ 16 دروازا نان ڪائونٽر ويٽ واري ميڪانڪي نظام جا لڳايا ويا آهن، جڏهن ته باقي در (پهرين کان 43 ۽60 کان 66 نمبر وارا) ڪائونٽر ويٽ وارا آهن ،جن ۾ ڪجهه دروازا غيرفعال به آهن، ٻن نمونن جي ميڪانڪي نظام سان بئراج جي ريگيوليشن ۾ آپريشن ڪندڙ عملي لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني پاران ٺاهيل 16 دروازن جي هيل پاڻي چاڙهه دران ٽيسٽ به ٿي ويندي، هوڏانهن سکر بئراج  تي ايڪسين رهندڙ ستار ساريئي ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نان ڪائونٽر ويٽ وارن دروازن سبب پلرن تي وزن ايندو، ڇو ته سکر بئراج  جي اڏاوت ڪائونٽر ويٽ تي ٿيل آهي. باقي ريگيوليشن ۾ڪو گهڻو فرق نه پوندو، سندس چوڻ هو ته پانڊ ليول برقرار رکڻ ۾ فرق پئجي سگهي ٿو.

ڪراچي مان تيار ڪرايل 44 ۽ 47 در اسپيئر ۾ رکيا ويندا

سکر: آبپاشي کاتي شپ يارڊ مان تيار ڪرايل 44 ۽ 47 دروازن بابت فيصلو ڪيو آهي ته انهن کي چائنا جي طرز تي ٺهندڙ دروازن موجب ري ڊزائين ڪرائي ايمرجنسي مقصدن لاءِ رکيو ويندو، ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي شپ يارڊ انهي حوالي سان واڌو رقم نه وٺندي. هن وقت تائين انهن ٻن دروازن تي 40 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ خرچ اچي چڪو آهي

سکر بئراج جي باقي درن جي به تبديلي جو فيصلو

سکر: سکر بئراج جي رهيل دروازن جي تبديليءَ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب چائنا ڪنسٽرڪشن ڪمپني سنڌآبپاشي کاتي کي صلاح ڏني آهي ته سيپٽمبر 2025ع کان مئي 2026ع تائين بئراج جا وڌيڪ 28 دروازا تبديل ڪيا ويندا. ذريعن موجب آپباشي کاتي جي ڪجهه عملدارن اعتراض واريو آهي ته ان مدي دوران 28 دروازن جي تبديلي ممڪن ناهي، چيني انجنيئر ن 16 دروازا ڇهن مهينن ۾ مس لڳايا آهن، اهي ايتري مدي ۾ 28 درواز ڪيئن تبديل ٿي سگهندا؟ ، ذريعن موجب چيني ڪمپني پاران بجيٽ ۾ به واڌ جي فرمائش ڪندي في دروازي لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي ۽ ويليو ايڊيڊ  به آپشن رکيو ويو آهي. واضح رهي ته 20 آڪٽوبر تي افتتاحي تقرير دوران آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙي موجب پهرين مرحلي جي 16 دروازن تي سورنهن کان سترنهن ارب رپيا خرچ جو ڪاٿو ٻڌايو هو.