سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج مان لاشن ملڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگھيو، گيٽ 31 مان نامعلوم شخص جو لاش ھٿ، سکر بئراج مان ھٿ آيل لاشن جو تعداد 18 ٿي ويو. ھٿ آيل لاش لاوارث ڄاڻائي پوليس جي نگراني ۾ دفنايو ويو. اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌو درياءَ جي وھڪرن ۾ اضافي بعد سکر بئراج وٽان لاشون ملڻ وارو سلسلو رڪجي ناھي سگھيو. بئراج جي گيٽ نمبر 31 مان نامعلوم لاش موجود ھجڻ جي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس ايڌي رضاڪارن ۽ مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر پھچايو، پوليس پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد لاش لاوارث ڄاڻائي تدفين لاءِ ايڌي سکر حوالي ڪري ڇڏيو. ايڌي سکر انتظاميا موجب غسل، ڪفن ڏيڻ ۽ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد لاش نئون ڳوٺ قبرستان ۾ لاوارث ڄاڻائي دفنايو ويو. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر بئراج جي مختلف گيٽن وٽ ھن وقت تائين 18نامعلوم لاش موجود ھجڻ جي انتظاميا کي آگاھي ڏني وئي ھئي جنھن مان 14 لاءِ ڪڍرائي لاوارث ڄاڻائي دفنايا ويا. واضح رهي ته سکر بئراج وٽان ملندڙ لاش بحث جو موضوع بڻيل آھي پر سکر انتظاميا ھن وقت تائين معاملي جي تهه تائين نه پهچي سگھي آهي.