روهڙي (ن پ ا ) سکر بئراج مان لاشن ملڻ جو سلسلو جاري، روهڙي ٿاڻي جي حد  مان سکر بئراج جي گيٽ نمبر 48 مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو. اطلاع ملڻ تي روهڙي پوليس ايڌي ايمبولنس ذريعي لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو، جتان سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد لاش ضروري ڪارروائي بعد ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو.