سکر (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ تيز وهڪرن ۾ لڙهيندي ناياب نسل جو جانور لڌڙو سکر بئراج جي گيٽ نمبر 37 ۾ ڦاسي پيو، ريسڪيو ٽيم کي پاڻي جو وهڪرو تيز هجڻ سبب جانور کي بئراج مان ڪڍڻ لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ناياب نسل جي جانور لڌڙي ڪافي ڀيرا نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر تيز وهڪرن سبب ناڪام رهيو، اطلاع ملڻ تي شهري ناياب نسل جي جانور کي ڏسڻ جي لاءِ وڏي انگ ۾ سکر بئراج پهچي ويا، سکر بئراج جي انتظاميا جو چوڻ هو ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ مختلف قسم جا جانور بئراج ۾ اچي ڦاسي پوندا آهن، پاڻي جا وهڪرا گهٽ ٿيڻ تي ڦاٿل جانور آرام سان پاڻ ئي نڪري ويندا آهن، ٻئي طرف ڊپٽي ڪنزويٽر وائلڊ لائيف عدنان حامد خان جي اڳواڻي ۾ ٽيم ناياب نسل جي جانور کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سکر بئراج پهتي، عدنان حامد خان موجب لڌڙي کي ريسڪيو ڪري اصل رهائش واري هنڌ ڇڏيو ويندو.