سکر بئراج جي دروازي جو ڪِرڻ: سبب، نتيجا ۽ بحالي

0
61
سکر بئراج جي دروازي جو ڪِرڻ: سبب، نتيجا ۽ بحالي

خميس جون 20 جي شام جو سکر بئراج جي دروازن کي پهتل نقصان جي خبر سنڌ جي عوام کي سَڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. سنڌ جو عوام اڳ  ئي ڪڻڪ جو مناسب اگھ نه ملڻ ڪري پريشان هو ته مٿان اها خبر وِڄ جيان اچي ڪري. جنهن خريف واري فصل جي پوکي ۽ پيداوار تي پڻ سواليه نشان ڏئي ڇڏيو. اخباري خبر موجب: سنڌ جي آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو، آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو، سکر جو ميئر ارسلان اسلام شيخ ۽ لڳ ڀڳ سمورا لاڳاپيل اعليٰ عملدار سکر بئراج تي پهچي ويا ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. انهن کي بئراج جا دروازا نمبر 44 ۽ 47 ڏيکاريا ويا، جن کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو. کين ٻڌايو ويو ته گيٽ نمبر 47 مڪمل طور ڊهي ڪَري اونهي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو، ان ڪري نظر نه پيو اچي. جڏهن ته گيٽ نمبر 44 ٽيڙو ٿي ڦاسي پيو آهي. واقعي کي پنج ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به بئراج جي ڪنهن به اعليٰ آفيسر طرفان ڪو به معقول سبب نه ٻڌايو ويو آهي ته آخر دروازن کي ڇا ٿيو؟ ڪنهن ايريگيشن سان لاڳاپيل آفيسر ٻڌايو ته دروازي سان وڻ ٽڪرايو آهي ته وري ڪنهن چيو ته تيز هوا ۽ پاڻي جي پريشر ٻنهي گڏجي ڪري دروازن کي نقصان پهچايو. ان نقصان جي سببن تي اڃان تائين صرف اندازا پيا لڳايا وڃن. جيترا وات، اوتريو ڳالهيون. سوشل ميڊيا تي ماڻهو انجنيئر بڻجي پنهنجا رايا پيا ڏين. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته ان ايڏي واقعي ٿيڻ شرط ان کاتي جو وزير ۽ سيڪريٽري اچي عوام کي حقيقت ٻڌائين ها ته هي سبب هو جو دروازن کي نقصان پهتو. پوءِ شايد سنڌ جا ماڻهو اجايا تبصرا ۽ اندازا نه لڳائين ها.

سکر بئراج، سنڌ جي هڪ وڏو ۽ اهم آبپاشي جي منصوبو آهي، جنهن وسيلي سنڌ جي زرعي زمين جي 80 سيڪڙي کي پاڻي ملي ٿو يعني لڳ ڀڳ 8 ميلن ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن بئراج ۾ 66 دروازا آهن. جن مان هر هڪ 60 فوٽ ويڪرو ۽ 18.5 فوٽ ڊگھو آهي ۽ هر هڪ جو وزن 50 ٽن جي لَڳ ڀَڳ آهي. 1982ع ۾ انهن دروازن جي ڊيگهه ٽي فوٽ وڌائي 21.5 فوٽ ڪئي وئي هئي. هن ۾ ڪل 8 بَي آهن. جن مان بَي نمبر هڪ سڄي پاسي وارو پاڪيٽ آهي، جنهن ۾ 5 دروازا آهن. بَي نمبر ٻه ۾ 9 دروازا آهن، جيڪي بند پيل آهن. بي نمبر 3 ايپروچ چينل آهي، جنهن ۾ 9 دروازا آهن. بَي چار کان وٺي ست تائين مکيه نديءَ جو رستو آهي، جنهن ۾ 36 دروازا آهن. باقي بَي اٺ هڪ کاٻي پاسي وارو پاڪيٽ، جنهن ۾ ست دروازا آهن. سکر بئراج جي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي اصل صلاحيت 15 لک ڪيوسڪ هئي پر ڪن ٽيڪنيڪل سببن جي ڪري ان جي صلاحيت کي گھٽايو ويو. هن بئراج مان 7 ڪينال نڪرن ٿا، جن مان چار درياءَ جي کاٻي پاسي ۽ 3 ڪينال درياءَ جي ساڄي پاسي.

سکر بئراج ٺاهڻ جو خيال سنه 1868ع ۾ آيو ۽ ان تي عملي طور ڪم سنه 1923ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو سنه 1932ع ۾ پورو ٿيو. بئراج ٺهڻ جي ٻن سالن اندر بئراج  اڳيان لَٽ جا مسئلا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ پاڻي جو گھڻو وهڪرو سڄي پاسي واري ڪينالن طرف ٿيڻ لڳو. دادو ڪينال ۾ لَٽ تمام گھڻي اچڻ شروع ٿي وئي. انڪري چيو وڃي ٿو ته پُوني شهر ۾ 1938ع کان 1940ع ۾ بئراج جو فزيڪل ماڊل ٺاهي هائڊرالڪ اسٽڊي ڪئي وئي. ان اسٽڊي جي بنياد تي بئراج جا 10 دروازا هميشه لاءِ بند ڪري بئراج جي انهن گيٽن اڳيان ٻَيٽ ٺاهيو ويو. ان جي ايراضي اڄڪلهه 50 ايڪڙن جي لڳ ڀڳ آهي. ڏهه دروازا بند ٿيڻ جي ڪري بئراج جي پاڻي پاس ڪرڻ جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪ مان گھٽجي اچي ڪري 9 لک ڪيوسڪ تي پهتي. ان اسٽڊي جي بنياد تي ساڄي پاسي لَٽ جي مقدار کي گھٽائڻ لاءِ ساڄي پاسي واري پاڪيٽ اڳيان هڪ پاڻي ۾ ٻُڏل وِيئر (ڀِت) ٺاهيو ويو، جيڪو هن وقت تمام خراب حالت ۾ آهي ۽ پنهنجو ڪم نه پيو ڪري. انڪري ساڄي پاسي وارن ڪينالن ۾ لَٽ تمام گھڻي پاس ٿي رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته گذريل سال رائيس ڪينال جي اربين رپيا خرچ ڪري کاٽي ڪرائي وئي هئي. سن 1983ع ۾ پڻ بئراج جو 33 نمبر دروازو ٽُٽو هو، جنهن کي ڪراچي شپ يارڊ وسيلي مرمت ڪري 15 ڏينهن ۾ لڳايو ويو هو. ياد رهي ته سنه 1989 کان 1992ع دوران سکر بئراج جا سڀ دروازا مٽايا ويا هئا، جن ۾ دراوزو نمبر 44 ۽ 47 پڻ شامل هئا.

بئراج جي دروازن کي ڇا ٿيو؟

چيو وڃي ٿو ته هي واقعو بئراج جي لاڳاپيل آفيسرن جي لاپرواهي ۽ غفلت، دروازن جي روزاني واري سار سنڀال نه ڪرڻ ۽ پانڊ ليول وڌڻ ۽ نتيجي ۾ دروازن تي پاڻي جي پوندڙ پريشر کي نه سمجھڻ ڪري پيش آيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي گھرائي جو دروازي تي پوندڙ داٻ يا پريشر تي تمام گھڻو اثر هوندو آهي. مثال طور پاڻي جي ليول 2 فوٽ وڌندي ته پريشر وري چار دفعا وڌندو. ساڳي طرح 5 فوٽ وڌڻ سان پريشر وري 25 دفعا وڌي ويندو. عام طور دروازن، پِلرن، ۽ پِلرن ۾ دروازن لاءِ ٺاهيل کانچن ۽ رولرن کي وڌ ۾ وڌ پاند ليول کي نظر ۾ رکي ڊزائين ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن پانڊ ليول وڌي ٿي ۽ دروازي کي ان حساب سان مٿي نه ٿو ڪجي ته دروازي تي پوندڙ داٻ يا پريشر جو مرڪز مٽجي وڃي ٿو، جنهڪري دروازي تي پوندڙ پريشر جي ورهاست به مَٽجي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏ پِلرن ۾ ٺاهيل کانچن ۽ رولرن تي پڻ بي قاعدي پريشر پوي ٿو، جنهڪري دروازو چٻو ٿئي ٿو يا ڊهي پوي ٿو. ان کان علاوه جيڪڏهن دروازي جي هيٺان پاڻي گذري ته ٺيڪ پر جيڪڏهن مٿان گذرندو ته نَيپِي (Nappe) ٺهندي، جنهنڪري هڪ خلا پيدا ٿيندو، جيڪو هڪ پريشر پيدا ڪندو. اهو پريشر پاڻي واري پريشرسان گڏجي دروازي کي هيٺين پاسي ڌڪيندو. ان کان علاوه دروازي مٿان گذرندڙ پاڻي هيٺ ڪرڻ ڪري لرزش پيدا ڪندو، جنهن ڪري دروازي ۽ بئراج جي اڏاوت تي پڻ اثر پوندو.

مختلف ماهرن جا رايا وٺڻ کان پوءِ دروازن ٽٽڻ بابت اهو اندازو ڪجي ٿو ته ان ڏينهن پانڊ ليول 199.5 فوٽ هئي ۽ مکيه نديءَ جي 39هين کان 48هين دروازن تي پاڻي جو گھڻو پريشر هو. ان سان گڏ ٿي سگھي ٿو ته اهي دروازا پانڊ ليول جي حساب سان مٿي ٿيل نه هجن، جنهنڪري مٿي ڄاڻايل پريشر (هائڊرالڪ پريشر ۽ نيپي پريشر) دروازن تي پيا هجڻ، جنهنڪري دروازو نمبر 44 ٽيڙو يا چٻو ٿي ويو ۽ 47 دروازو کانچن مان نڪري وڃي هيٺ ڪريو.

دروازن جي مرمت:

هن وقت پاڻي جي ليول گھٽائي وئي آهي ته جئين دروازن جي مرمت ڪري انهن کي وري استعمال ۾ آڻجي. انڪري سکر بيراج مان نڪرندڙ سڀني ڪينالن ۾ پاڻي پنجاهه سيڪڙو گھٽايو ويو آهي. ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سنڌ بيراج امپرومينٽ پروجيڪٽ اڳ ۾ ئي هلندڙ آهي. جنهن تحت چيني ڪمپني اڳ ۾ ئي دروازا مٽائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. بئراج تي ئي دروازا ٺاهڻ جي مشينري موجود آهي. هن وقت تائين هڪ دروازو مَٽجي به چڪو آهي. چيو وڃي ٿو ته اها ساڳي ڪمپني نقصان پهتل دروازا پڻ مٽائيندي ۽ اميد ڪجي ٿي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو عمل مڪمل ٿيندو ۽ سنڌ جي زراعت کي گھڻو نقصان نه پوندو.

نتيجو:

سکر بئراج جو دروازو ڪِرڻ هڪ وڏو ۽ سنجيده حادثو آهي، جنهن سان سنڌ جي زرعي، معاشي، ۽ سماجي نظام تي وڏو اثر پيو آهي. انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙي قسم جي حادثن کان بچڻ لاءِ مضبوط اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي انهيءَ سلسلي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ عوام کي انهيءَ صورتحال تي وقت سر ڄاڻ ڏيڻ گهرجي. بئراج تي قابل ۽ ذميوار انجنيئر مقرر ڪجن، جيڪي بئراج جي هئڊرالڪس ۽ مارفالاجي کي سمجھي ڪري بئراج آپريشن مينيوئل تحت ان کي هلائين. بئراج جي هڪ مڪمل اسٽڊي ڪرائجي، جنهن ۾ بئراج تي پوندڙ اُلرا بند جي اثرن جي به تحقيق ڪجي.

جاچ ڪميٽي:

سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 ۽ ان جي گيٽ نمبر 44 کي ٿيل نقصان جي جاچ لاءِ پنج رڪني ٽيڪنيڪل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪنيڪل انڪوائري ڪميٽي جي سربراهي غلام محي الدين مغل (سنڌ بئراج امپروومينٽ پروجيڪٽ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر) ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ پريتم داس (مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي)، منصور احمد ميمڻ (چيف انجنيئر، ڊولپمينٽ ريجن-I  حيدرآباد)، مختيار احمد ابڙو (چيف انجنيئر، سکر بئراج رائيٽ بئنڪ ريجن) ۽ محمد حيات شيخ (پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، اسڪارپ  خيرپور) شامل آهن.

ڪميٽي بئراج جي ايس او پيز جي حوالي سان گذريل ٻن مهينن دوران بئراج جي آپريشن جو جائزو وٺندي. سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 کي نقصان جي سببن جو تفصيلي پتو لڳائيندي. تفصيلي ٽيڪنيڪل انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪري سيڪريٽري آبپاشي کاتي کي پنجن ڏينهن اندر جمع ڪرائيندي. اچرج جي ڳالهه اها آهي ته  ٽيم کي “رپورٽ جي نتيجن کي نظر ۾ رکندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ” لاءِ نه چيو ويو آهي. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته ان ڪميٽي ۾ ڪجهه نيوٽرل هئڊرالڪ انجنيئرنگ جا ماهر به رکيا وڃن، جن جو اريگيشن ڊپارٽمينٽ سان سڌو واسطو نه هجي.

اڳتي لاءِ:

سکر بئراج سنڌ جي زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم آهي. ان جي سٺي آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ هيٺيان تجويزون ڏنيون وڃن ٿيون:

* بئراج جي دروازن، ڍانچي، ۽ ٻين حصن جي وقت سر چڪاس ۽ مرمت يقيني بڻائي وڃي.

* انجنيئرن ۽ ماهرن جي ٽيم جي مدد سان بئراج جي حالت جو جائزو وٺڻ ۽ خرابين کي فوري طور تي درست ڪرڻ گهرجي.

* بئراج جي آپريشن لاءِ ٺاهيل Standard Operating Procedures (SOPs)  تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

* هر عملدار ۽ ڪامورن کي انهن اصولن جي پابندي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به غلطي کان بچي سگهجي.

* بئراج جي آپريشن ۽ سار سنڀال ۾ شامل هر هڪ فرد جي ذميواري طئي ڪئي وڃي. ڪنهن به ناڪامي يا غلطي جي صورت ۾، جوابدارن کي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙين غلطي کان بچي سگهجي.

* بئراج جي آپريشن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ سينسرز ۽ خودڪار نظامن جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن پاڻي جي وهڪري ۽ دروازن جي حالت تي نظر رکڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ آسان ٿي سگهي.

* مقامي ۽ بين الاقوامي ماهرن سان گڏ مشاورت ڪئي وڃي ۽ انهن جي تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن بئراج جي آپريشن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي.

* بئراج جي عملدارن ۽ ڪامورن لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا وڃن ته جيئن اهي جديد آپريشنل ٽيڪنيڪس ۽ سار سنڀال جي طريقيڪار سان واقف ٿي سگهن.

* موسمي پيشنگوئين کي استعمال ڪندي بئراج جي آپريشن جي منصوبابندي ڪئي وڃي. خاص طور تي برساتي موسمن ۾ پاڻي جي سطح ۽ وهڪري تي نظر رکي وڃي.

* ڪنهن به ايمرجنسي يا حادثي جي صورت ۾ فوري ردعمل پلان تيار ڪيو وڃي، جنهن تحت ضروري قدمن کي فوري طور تي انجام ڏنو وڃي.

* بئراج جي آپريشن ۽ سار سنڀال لاءِ ضروري فني ۽ مالي وسائل جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به وقت تي ڪم ۾ ڪا رڪاوٽ پيش نه اچي.