سکر(بيورو رپورٽ) سکر بئراج جي بحالي واري ڪم جي شروعات 18 نومبر کان ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ ايڪسين سکر بئراج ليٽر نمبر GC/G 148/3264 جاري ڪندي بئراج تي ٽريفڪ کي بند رکڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميا کي آگاهه ڪيو آهي، جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته CRBC-HBSZ(JV) طرفان بئراج تي ٽيم سان مشينري ذريعي سول ۽ ٽيڪنيڪل ڪم ڪيو ويندو، تنهن ڪري عوامي مفادن خاطر خاص طور اسڪولي ٻارڙن کي سهولت مهيا ڪرڻ واسطي صبح جو 7 وڳي کان 9 وڳي تائين ۽ منجهند جو هڪ وڳي کان 3 وڳي تائين بئراج کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، ياد رهي ته 5 آڪٽوبر 2023ع تي سکر بئراج جو جائزو وٺڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ مشن سکر آيو هو، جائزه مشن کي سکر بئراج جي نهري نظام ۽ ان جي اهميت، بئراج وٽان نڪرندڙ ڪئنالن جي ڪمانڊ ايريا، ريگيوليشن، آبي جيوت جي تحفظ ۽ ماحوليات بابت آگاهي ڏني وئي هئي، ياد رهي ته سکر بئراج جي بحالي لاءِ ماهرن جي ڏنل تجويزن موجب 32 ارب رپيا لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، آبپاشي ماهرن جي تجويزن کي تسليم ڪندي ورلڊ بئنڪ 16 ارب رپين جو فنڊ 3 سال اڳ سنڌ بئراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت جاري ڪيو هو، جڏهن ته سکر بئراج جي مستقل بحالي لاءِ 16 ارب روپيا سنڌ حڪومت کي ڏيڻا آهن.