سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ آبپاشي کاتي سکر بئراج جا 2 دروازا ناڪاره ٿيڻ بعد سنڌ جي پاڻي کڻت گهٽائي ڇڏي، رڳو گڊو ۽ ڪوٽڙي جي واهن کي پاڻي فراهم،  ٽٽل دروازي نمبر 47 جي جاءِ تي ڪسان در لڳائڻ لاءِ عارضي ڪافر ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو، سنڌ جي زرعي توسيع کاتي پاران سکر بئراج مان پاڻي کڻندڙ آبادگارن کي فصلن کي موجود پاڻي ڏيڻ جي صلاح، لاڙڪاڻي ۾ سارين جو تيار ٿيل ٻيجارو سُڪي سڙڻ جو خدشو، زرعي توسيع کاتي پاران چيو ويو آهي ته نارا، روهڙي، خيرپور، کيرٿر، رائيس ۽ دادو ڪئنالن جا آبادگار بيٺل فصلن کي بچائڻ لاءِ موجود پاڻي ڏئي ڇڏين. سکر بئراج تي پاڻيءَ جو ڇوڙ گهٽائڻ لاءِ چشما بئراج وٽان 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪيو ويو. چشما بئراج وٽان هڪ لک 95  هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي رهيو هو جيڪو گهٽائي هڪ لک 40 هزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.سکر بئراج وٽ وهڪري ۾ 10 هزار ڪيوسڪ  لاٿ کانپوءِ 95 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو هلي رهيو آهي.چشما وٽان روڪيل پاڻي جي لاٿ وارو عمل چئن کان پنجن ڏينهن ۾ ٿيندو. سکر بئراج جي دروازي جي ٻيهر بحالي وارو ڪم به  جاري  آهي. شروعاتي طور بند ٻڌي دروازي طرف ايندڙ پاڻي کي مڪمل روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو.دروازي مان پاڻي ختم ڪرڻ واري عمل کانپوءِ ٻيهر ٺاهڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو، سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو جو چوڻ آهي ته سکر بيراج جي گيٽس جي مرمت دوران ضرورت پوڻ تي نارا ڪينال، روهڙي ڪينال ۽ ٻين شاخن کي متبادل طريقن سان پاڻي فراهم ڪنداسين، 12 هزار ڪيوسڪ کڻندڙ نارا ڪينال ۾ هن وقت ڏيڍ هزار ڪيوسڪس گهٽ پاڻي هلي رهيو آهي، روهڙي ڪينال به اڌ وهي رهيو آهي، گيٽس جي مرمت مڪمل ٿيڻ شرط ڪينالن کي پاڻي فراهم ڪنداسين: ظريف کيڙو چيو ته گيٽس جي مرمتي ڪم دوران سکر بيراج جو ڍانچو مڪمل طور محفوظ آهي، اسان جي ڪوشش اها آهي ته جيڪڏهن گيٽس لڳائڻ وارو ڪم اڄ مڪمل ٿي وڃي ته سڀاڻي ئي پاڻي ڇڏيون، وارا بندي ۾ به ڪينالن ۽ شاخن کي 10 کان 12 ڏينهن پاڻي بند ڪيو ويندو آهي.