ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ انفرااسٽرڪچر ذريعي زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، 20 جون 2024 ع تي سکر بئراج جو هڪ در ڪرڻ بعد 66 دروازا تبديل ڪيا پيا وڃن، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ آبپاشي کاتي ۽ پيپلز هائوسنگ پراجيڪٽ جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته 24 اربن جي لاڳت سان بئراج جا 66 دروازا توڙي ڪئنالن جا در تبديل ڪيا ويندا، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو بريفنگ ڏيندي چيو ته سکر بئراج ۽ واهن جا در بدلائڻ جو منصوبو ٽن سالن ۾ 23فيبروي 2027ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي، جنهن ۾ هڪ سال جي دير جي گنجائش رکيل آهي، هن چيو ته هن وقت وڏا سول ڪم ٿي رهيا آهن، جامع بحاليءَ واري منصوبي ۾ هڪ وڏي ڪافر ڊيم جي تعمير پڻ شامل آهي، درن جي تبديلي بعد پهريون ڀيرو فرش، بند ۽ تعمير ٿيل حصن جو معائنو ۽ مرمت ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾کاٻي ڪناري تي ورهاڱي واري ڀت کان شروع ٿيندڙ 16 دروازن کي تبديل ڪيو ويندو. هن چيو ته درن جي تبديلي دوران دريائي وهڪري کي جاري رکڻ لاءِ ڪافر ڊيم جي تعمير 16 سيپٽمبر 2024 کان شروع ٿي آهي، اجلاس ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي سي اي او خالد شيخ ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ گهرن جي تعمير بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گهرن جي تعمير لاءِ رقم جي سڌي منتقلي لاءِ 10 لک کان وڌيڪ بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا آهن. هن وقت تائين 810000 مستحقن ۾ فنڊ ورهايا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 475000 گهر مڪمل ٿي چڪا آهن، 300000 خاندان پنهنجن نون گهرن ۾ منتقل ٿي چڪا آهن.