سکر (بيورو رپورٽ) نان ۽ چپاتي جي اگهن تان تندور مالڪن ۽ ضلعي انتظاميا وچ ۾ اختلاف ختم، نان 17 رپيا ۽ چپاتي 10 رپيا وڪرو ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو، سکر ضلعي انتظاميا پاران چپاتي 10 ۽ نان 15 رپيا وڪرو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن حڪم کي تندور مالڪن پاران مڃڻ کان انڪار ڪندي چئن ڏينهن تائين شٽربند هڙتال ڪئي، ڪالهه تندور مالڪن ۽ ضلعي انتظاميا ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، تندور مالڪن جي ايسوسئيشن اڳواڻ اسامه موجب ضلعي انتظاميا 17 رپيا نان ۽ چپاتي 10 رپيا وڪرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن بعد شٽربند هڙتال ختم ڪئي وئي.