سکر (بيورو رپورٽ) سکر آئرن مارڪيٽ ۾ خطرناڪ باهه لڳڻ سبب ڪاٺ ۽ لوهه جا چار دڪان سڙي رک ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته دڪانن کي باهه بجلي جي ٿنڀي مان ڪِريل تارن مان لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، مليل ڄاڻ موجب سکر جي گوليمار  واري علائقي ۾ واقع آئرن مارڪيٽ ۾ بجليءَ جي پول مان ڪريل تارن مان غلام حيدر سومرو ۽ سندس پٽن جي ڪاٺ ۽ لوهه جي دڪانن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب 4 دڪان سامان سميت سڙي ويا، اِن ڏس ۾ متاثر غلام حيدر سومرو الزام مڙهيندي چيو ته شام جي وقت بجلي جي ٿنڀي مان 11 هزار وولٽيج جي تار ڪري پئي هئي، جنهن متعلق سيپڪو جي عملي کي آگاهه ڪيو هو، پر سيپڪو جي لاڳاپيل عملي اُن ڪريل تار جي مرمت نه ڪئي ۽ اوچتو بجلي هلائي ڇڏي، نتيجي ۾ ٿنڀي مان ڪريل تار مان دڪان کي باهه لڳي وئي، جنهن متعلق فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو، نه پهچڻ تي اسان پاڻ فائر برگيڊ اسٽيشن پهتاسين ۽ عملي کي وٺي واقعي واري هنڌ پهتاسين، تيستائين باهه تيزيءَ سان ڦهلجي چئن دوڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هن چيو ته هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. متاثرن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوتاهي ڪندڙ سيپڪو عملي خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.