سکر / لاڙڪاڻو/ عمر ڪوٽ ( نمائندن وٽان ) سکر ۾ ڪمشنر نائين ۽ ڏھين جماعت جي سالياني امتحانن دوران  ڊويزن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو. امتحاني مرڪزن ۾ درست داخلا ڪارڊ رکندڙ شاگردن، ۽ ڊيوٽي ڏيندڙ عملي کي اندر اچڻ جي اجازت هوندي. امتحاني مرڪزن جي ويجهو فوٽو اسٽيٽ مشينن تي پڻ پابندي مڙھي ڇڏي. نائين ۽ ڏهين جي پيپر ۾ 95 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. ڪمشنر سکر، چيف سيڪريٽري سنڌ جي خصوصي ھدايتن تي سکر ڊويزن ۾ امتحانن ۾ نقل جي روڪٿام لاءِ وجيلنس ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون. ٻئي پاسي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي اسکر بورڊ جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحانن دوران مختلف امتحاني سينٽرن جا دورا ڪيا، ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، اسسٽنٽ ڪمشنر صوبيا فلڪ رائو پڻ ساڻن گڏ ھئا. ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي سکر بورڊ آفيس جي ويجهو گورنمينٽ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول سکر, اسٽيم اسڪول همدرد سوسائٽي سکر ۽ گورنمينث گرلز قادريا رضويه اسڪول سکر جو دورو ڪيو ڪري امتحاني مرڪزن اندر پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، فرسٽ ايڊ روم جي قيام سميت مختلف انتظامن جو جائزو ورتو. ڪمشنر سکر شاگردن تي شفاف طريقي سان امتحان ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ استادن ۽ اسٽاف کي هدايتون جاري ڪندي پابند بڻايو ته امتحاني مرڪزن اندر ڪنهن کي موبائل فون کڻي اچڻ جي هرگز اجازت نه ڏني وڃي. ٻئي طرف تعليمي بورڊ سکر پاران جوڙيل ٽيمن ٽنهي ضلعن جي امتحاني سينٽرز جا اوچتو دورا ڪري 95 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو، گهوٽڪي ۾ 23، خيرپور ۾ 55 ۽ سکر ۾ 17 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو آهي.لاڙڪاڻي ۾ ڏهين ڪلاس جو پرچو وقت کان آئوٽ، ڪاپي جي ڌم متل رهي،لاڙڪاڻي ڊويزن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ ڏهين جماعت انگلش جو پرچو ورتو ويو،سواليه پيپر اميدوارهٿن ۾ اچڻ شرط موبائل فون ۽ گائيڊن جي ذريعي پيپر حل ڪندا رهياعمرڪوٽ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا سالياني امتحانن دوران عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪاپي مافيا جو راج قائم رھيو ۽ ڪاپي جي ڌم متل رھي، نائين ڪلاس رياضي جو پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو جڏھن ته امتحاني سينٽرن ته ڪاپي روڪڻ لاءِ قلم 144لاڳو ڪري امتحاني سينٽرن ٻاهران فوٽو ڪاپي تي پابندي باوجود فوٽو ڪاپي مشينون کليل رھيون، غريب آباد هاءِ اسڪول ويهرو هاءِ اسڪول، هاءِ اسڪول ون ۾ نجي اسڪولن جي شاگردن لاءِ قائم سينٽر تي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڪاپي جي ڌم متل رھي، گرمي پد ۾ اضافو هجڻ ڪري امتحان ڏيندڙ شاگرد بجلي جي لوڊشيڊنگ هجڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رھيا ڇور نيوڇور ۽ ٻين سينٽرن تي به پيپر ڏيڻ جو سلسلو جاري رھيو .