سڌي ڳالھ ….. ڪئنالن خلاف سِنڌ پنجاب دنگ ڏانھن وڌندڙ جھيڙو

0
30
سڌي ڳالھ ..... ڪئنالن خلاف سِنڌ پنجاب دنگ ڏانھن وڌندڙ جھيڙو

 ڪجھ ھفتن کان مسلم ليگ ن جي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت طرفان سنڌو درياءَ تي 6 تڪراري ڪئنال ٺاھڻ واري فيصلي خلاف لاڳيتو لکڻ سبب سوشل ميڊيا ذريعي ڪجھ مھربانن جا انباڪس مئسيج آيا ته “ڀلا ڪنھن ٻئي موضوع  تي لکو ئي نٿا، خير ته آھي؟” جنھن تي کين جواب ڏنم ته  “جيڪڏھن خير ھجي ھا ته سڄي سنڌ 8 مھينن کان ان معاملي تي سراپا احتجاج ڇو ھجي ھا؟ ۽ وڪيل برادري ڪراچي سميت ٻين شھرن مان پنھنجا اي سي وارا ٿڌا ڪمرا توڙي ٻيا ڪم ڪار ڇڏي ايترن ڏينھن کان 45 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي يا جسم ساڙيندڙ  تِکي اُس ۾ ٽامو بڻيل ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي ڇو ويٺل ھجن ھا؟” اھڙي جواب بعد سندن ضمني سوالن جو انتطار ڪيو، پر خوشي ٿي ته سوال ڪندڙ ڏھاڪو کن ڄڻن مان ڪنھن به وڌيڪ پڇا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، جنھن سان دل کي تسلي جو ھڪ عجيب احساس ٿيو ته سنڌي ماڻھو سمجھي ويا آھن ته سنڌ جي حقن لاءِ ھاڻ مزاحمت ۽ احتجاج کانسواءِ ڪو به رستو ناھي بچيو، نه ته ماضي ۾ ڪنھن به احتجاج ۾ شرڪت لاءِ ھڪ ھڪ ماڻھو کي منٿ ڪرڻي پوندي ھئي ۽ جيڪڏھن ان احتجاج ۾ اتفاقي طور ڪجھ ڪلاڪن جي ڊيگهه ٿيندي ھئي ته پوءِ اندورني ناراضگي کي منھن پڻ ڏيڻو پوندو ھو.

شايد پٺين ڪالمن ۾ به ذڪر ٿيو ھجي، پر  نئين نسل کي سمجھائڻ لاءِ وري به اھا ڳالھ ڪبي ته ماضي ۾ جن سنڌين کي سُست، ڪاھل ۽ پنھنجن حقن کان اڻواقف قرار ڏنو ويندو ھو، اڄ اھي سنڌي بلڪل ائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيا آھن، جئين بنگالي ستر واري ڏھاڪي ۾ پنھنجي ۽ ڌرتي لاءِ ٻاھر نڪتا ھئا، جن جي ھمٿ ۽ حوصلي اڳيان سڀ طاقتور ڍير ٿي ويا، نتيجي ۾ نفرت يا چٿر جي بنياد تي ٽن چئن فوٽن وارا قرار ڏنل بنگالي پاڻ کي آزاد ڪرائي ويا، جيڪي وڏائي ۽ تڪبر ۾ چوندا ھئا ته کين ماڻهو نه پر بنگال جي ڌرتي گھرجي. جيڪڏھن ذھن تي ٿورو زور ڏئي جائزو وٺبو ته ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاج تي مڇرجي اھڙي ئي قسم جا بيان وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جا وزير ۽ مشير به ڏئي رھيا آھن، فرق رڳو ايترو آھي جو بيانن جي ٻوليءَ ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار آھي، پر نفرت، مقصد ۽ پيغام اُھو ساڳيو ئي آھي، جيڪو بنگالين کي ڏنو ويو ھو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سميت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کان ويندي پنجاب جي اطلاعات واري عظميٰ بخاري تائين ھر ڪنھن جي بيان ۾ سنڌين کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن، جنھن جو سڌو مقصد اھو آھي ته پنھنجن حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ بدران خاموش ٿي گھرن ۾ ويھو، جئين نام نھاد وڏو ڀاءُ  پنجاب سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاھي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي، اُن سنڌو درياءَ تي جنھن مان ورھين کان سنڌ واسين کي پنھنجي حصي جو پاڻي ناھي ملي سگھيو، پر سنڌي ھن مھل تائين سندن ڌمڪين ۾ ناھن آيا، جنھن جو ثبوت ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ڪئنالن خلاف درجنن جي انگ ۾ ٿيندڙ احتجاجي مظاھرا، ريليون، مارچ ۽ ڌرڻا آھن. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ھنيل ھزارين ماڻھن جو ڌرڻو به ان سلسلي جي ڪڙي آھي.

 18اپريل تي جڏھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪري رھيو ھو ته ٺيڪ انھيءَ ڏھاڙي صبح کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو شروع ٿي چڪو ھو، انھيءَ ڪري 4 اپريل تي شھيد ڀُٽي جي ورسي واري ڏينھن جيان بلاول ڀُٽي کي ان ڏينھن پڻ نه چاھيندي به ڪئنالن جي مخالفت ۾ ڳالھائڻو پيو. اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر ورسي واري جلسي جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد واري جلسي ۾ ھن ڪئنالن خلاف گھڻي ڀاڱي  چِٽو موقف رکيو، اھا ٻي ڳالھ آھي ته وفاق ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي اتحادي بڻيل پ پ جي چيئرمين جي  بيان  تي ڪو ھاڪاري رد عمل اچڻ بدران پنجاب سطح جي ن ليگي اڳواڻن جواب ڏئي اھو ٻڌائي ڇڏيو ته اُھي مستقبل جي وزارت عظميٰ جي اميدوار بلاول ڀُٽي زرداري کي ڪجھ به نٿا سمجھن. ھتي وري مٿي بيان ڪيل صورتحال آڌار  اھو چئبو ته شيخ مجيب الرحمان جي بنگالين سان ٿيل زيادتين تي سندس اٿاريل آواز کي به اھڙي ئي طريقي سان نظرانداز ڪيو ويو ھو، جنھن جو نتيجو ڇا نڪتو؟ اھا سڀني کي ڀلي ڀت ڄاڻ آھي. ھنِ وقت ِاھي ساڳيا ئي ھٿ طاقتور آھن، جيڪي نٿا چاھين ته پنجاب کان علاوه ڪو ٻيو صوبو ترقي ڪري مضبوط ٿئي، انھيءَ ڪري ئي ھن مھل جڏھن ملڪ مان غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جو ٻيو مرحلو ھلي پيو، جنھن ۾ پنجاب مان ته  ھزارين افغاني ڪڍيا ويا آھن، پر سنڌ ۽ بلوچستان کي مختلف مسئلن ۾ مُنجھائي ان اھم معاملي کان پري رکيو ويو آھي، پوءِ وري چوندا آھن ته “بلوچستان ھماري ماٿي ڪا جھومر ھي”، جڏھن ته سنڌ وارن کي به اھڙن خوبصورت لفظن ۾ وندرائي پنھنجا مقصد حاصل ڪيا وڃن ٿا.

ھن سڄي نوحي يا ڪيڏاري جو مقصد اھو آھي ته سنڌ کي گھڻ  پاسائون نقصان رسائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، ان ڪري سنڌ جي ماڻھن جئين پ پ جو گھيرو ڪيو آھي، پنجاب سان پڻ اھڙو رويو اختيار ڪرڻو پوندو، خاص طور پاڻيءَ معاملي تي ڪنھن به قسم جي رعايت ۽ سوديبازي  جي گنجائش ناھي، جيڪڏھن ان حوالي سان ٿوري به سُستي ٿي ته سنڌ جي زراعت تباھ ٿي ويندي،  جنھن سان ايندڙ وقت ۾ خوشحال سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، ان ڪري چئون ٿا ته پاڻي جي معاملي تي پنجاب سان جھيڙو ڪرڻو پوندو، جيڪو حق ۽ سچ  تي ٻڌل آھي. جئين وارا بندي ۾ ڪنھن ھاري سان ناحق ڪري وارو ناھي ڏنو ويندو ته اھو ڪوڏر کڻي ڪاوڙ ۾ مخالف جو ٻنو ٽوڙي پنھنجي زمين ۾ وھائيندو آھي، بلڪل ائين سنڌ کي پنجاب سان اکيون اکين ۾ ملائي اھو بند ٽوڙڻو  پوندو، جيڪو ڪئنالن جي صورت ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي. ھاڻ ته وڏا وڏا عالم دين پڻ وقت جي خليفن جا حوالا ڏئي چون پيا ته اسلام پنھنجي پاڻي لاءِ ھٿيار کڻڻ جي به اجازت ڏئي ٿو.

ڪو ڪجھ به چئي پر ڪئنالن خلاف ھلايل تحريڪ جا بانيڪار اڳ جيان قومپرست ئي آھن، جن ايوان صدر مان ٿيل ان اٽڪل بازي کي سڄي ملڪ سامھون وائکو ڪري انھن ڪردارن کي منھن لڪائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، جيڪي ترديدن ۾ مصروف ھئا ته ڪي به ڪئنال نه پيا ٺھن. اِھا ٻي ڳالھ آھي ته بي رحم وقت کين ان معاملي تي ھاڻ احتجاج تي مجبور ڪيو آھي، ان ڪري سول سوسائٽي، مذھبي پارٽين، کدڙن فقيرن ۽ ٻين ڌرين جي شموليت  توڙي وڪيلن جي ڌرڻي بعد سگھاري ٿيل ان تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ ضروري ٿي ويو آھي. لازمي طور  ڌرڻن سان سنڌ جي ماڻھن کي به تڪليف ٿيندي ھوندي، پر اھا تڪليف ان کان  لک ڀيرا گهٽ آھي، جيڪا ڪئنال ٺاھڻ جي صورت ۾ سنڌ کي ٿيندي. انھيءَ ڪري اچو ته پنھنجي پاڻي تي پھرو ڏيڻ لاءِ سنڌ پنجاب جو دنگ ڪريون، ڇاڪاڻ ته فيصلو پنجاب کي ئي ڪرڻو آھي. ياد رکو الله نه ڪري جيڪڏھن ھيءَ تحريڪ ناڪام ٿي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين بعد سنڌ، پنجاب جي ڪالوني ۾ تبديل ٿيندي، جنھن لاءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي وزيرن جا بيان سمجھڻ لاءِ ڪافي آھن. سنڌ جي بقاءَ ان ۾ آھي ته ڪئنالن خلاف تحريڪ شانائتي نموني ڪامياب ٿئي، ان ۾ ئي سنڌ جو مفاد آھي.