ڪجھ ڏينھن اڳ سوشل ميڊيا تي سکر جي سينئر صحافي دوست فقير مشتاق مڱريي جي شھيد بينظير ڀٽو سان تصوير واري پوسٽ سامھون آئي، مختصر ڪيپشن پڙھڻ سان خبر پئي ته اھا 49 سال اڳ جي ناياب تصوير آھي، جنھن ۾ تڏھوڪي دور جا پ پ اڳواڻ وفد ۾ ساڻس گڏ ھئا. مشتاق مڱريي پاڻ لاءِ لکيو ته ھو اُن وقت سپاف جو سرگرم عھديدار ھو. مشتاق مڱريو ھن وقت پيرسن آھي ۽ گھڻي عرصي کان ناچاڪي سبب گھر تائين محدود آھي، پر صحافت جاري رکيو پيو اچي. سال کن اڳ خبر پئي ھئي ته ھو پُراڻو جيالو آھي، جيالو به اھڙو جو آمر ضياءُ الحق جي آمريت کي به نه ليکيائين. ھن 6 مھينا اڳ سيد خورشيد شاھ سان نڪتل پنھنجون ماضي واريون تصويرون شيئر ڪيون ھيون، جن ۾ خورشيد شاھ جي ڀيٽ ۾ مشتاق مڱريو وڌيڪ سرگرم نظر پئي آيو، پر ھن مھل سيد خورشيد شاھ پ پ جي مکُ اڳواڻن ۾ ڳڻجي ٿو ۽ فقير مشتاق مڱريو وري انھن لاتعداد جيالن وانگر گمنام سپاھي پڻجي چڪو آھي، جن ڏکئي وقت ۾ پنھنجي پارٽي لاءِ پنھنجي شھرن ۾ قربانيون ڏنيون ھيون، جن ۾ سکر جو ڊاڪٽر اڪرم شيخ پڻ ھو، جيڪو اڄڪلهه ڪراچي ۾ رھي پيو. ھو ٻڌائيندو آھي ته ھنن سکر ۾ شھيد ڀٽي جي غائباڻي جنازي نماز پڙھائڻ جو انتظام ڪيو ھو، جنھن سان انتظاميا ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو ھو، ائين اسان جو خيرپور واري پاسي جو ھڪ دوست غلام سرور سھاڳ پڻ ھو.
فقير مشتاق مڱريي جي پوسٽ ڏسڻ ۽ پڙھڻ بعد ذھن پاڻمرادو قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ سنڌ جي سياست تي بااثر خاندانن جي غلبي ڏانھن ھليو ويو، پنھنجي ڄاڻ لاءِ نيٽ تي سرچ ڪرڻ سان مختلف دور جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن جا نالا سامھون آيا ته خبر پئي سنڌ ته مُني صدي کان گھمي ڦِري مخصوص خاندانن جي قبضي ھيٺ رھندي پئي اچي، جن جا فرد نسل در نسل سنڌين تي حڪمراني ڪن پيا ۽ اڃا به ڪري رھيا آھن، ھڪڙا خاندان پاڪستان کان ٺھڻ کان وٺي 1985 تائين سياست تي قابض ھئا، ٻيا وري 1988 جي چونڊن ۾ متعارف ٿيا، جيڪي ڪجھ سال اڳ ٿيل مڪاني چونڊن ۽ 2024 جي عام چونڊن کان پنھنجي نئين نسل کي سنڌ تي حڪمراني ڪئين ڪجي؟ جا گُر سمجھائي ايندڙ 25 سالن جي سياسي رٿابندي ڪري رھيا آھن. ٻئي پاسي وري اُھي ھيٺين ڪلاس جا سياسي ورڪر ۽ اڳواڻ آھن، جيڪي پاڪستان ٺاھڻ کان وٺي اڃا تائين ڪڏھن به ايوانن تائين پھچي سگھيا، نه وري ڪو تڪڙو ائين ٿيندي نظر اچي پيو. ظاھر ڳالھ آھي جتي رات ڏھين وڳي تائين 40 ھزار جي سرسي سان کٽندڙ صُبح جو ھارايل ڏيکاريا ويندا ته پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا؟ بينظير ڀٽو جي ھوندي پ پ ۾ ڪجھ ورڪر ڪلاس ماڻھن کي ٽڪيٽون مليون ۽ اھي کٽي اسيمبلين ۾ به پھتا، پر ان بعد انھن جي مڪمل رستا روڪ ٿي وئي. ھا باقي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ھڪ اڌ سينيٽر يا عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڪجھ اھڙا چھرا آندا وڃن ٿا، باقي چونڊن ۾ ٽڪيٽون وڏيرن، جاگيردارن، سيدن ۽ ميرن توڙي پيرن لاءِ آھن.
سيد قائم علي شاھ لاءِ لکين عزتون آھن، سائين 1973 کان اسيمبلي ۾ اچي رھيو آھي، ڪو ٻڌائي ته 90 سالن جي عمر وارو شخص جيڪو 4 ڀيرا وڏو وزير، صوبائي وزير ۽ سينيٽر رھي چڪو آھي، ان کي ھن مھل ايم پي اي طور اسيمبلي ۾ ويھارڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ جڏھن ته ھو فزيڪلي طور به فٽ ناھي، سندس ڌيءَ پڻ ايم اين اي آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ به سياست ۾ مخصوص خاندان ٿاڦيل آھن، پر پاڻ پنھنجي سنڌ جي ڳالھ ڪنداسين، اھا حد ناھي ته سيد خورشيد شاھ 1988 کان مسلسل ايم اين اي بڻجي رھيو آھي، جنھن وري پنھنجي ڀائٽي اويس شاھ ۽ پٽ فرخ شاهه کي سياست ۾ آڻي مستقبل ۾ سکر جي سياست تي قبضي ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي آھي. ائين سيد ناصر شاهه به پنھنجن فرزندن لاءِ خانداني سيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون آھن. ڪوٽڏيجي جي وساڻن کي ڏسو، اڳ منظور وساڻ هو، هاڻ خاندان جا ٻه ٽي ڄڻا اسيمبلين ۾ آھن. گھوٽڪي ضلعي جي مھر، لنڊ سردارن، ڌاريجن، پتافين ۽ ڏھرن جو پڻ ساڳيو ئي حال آھي، جيڪي ابن ڏاڏن جي دور کان وٺي چونڊجي رھيا آھن. ائين ٻيا به کوڙ ضلعا آھن، جتي خاص خاندان سنڌ جي سياست کي اڏوھي جيان وڪوڙيل آھن.
سنڌ جي ستر کان اسي واري ڏھاڪي تائين پيدا ٿيل نسل کي ڀلي ڀت خبر آھي ته سنڌ تي ڪھڙا خاندان ڪڏھن کان قبضو ڄمائي سياست ڪري رھيا آھن، پر ان بعد وارن کي گھٽ ڄاڻ آھي، جڏھن ته سن 2000 واري نسل کي ته ڪا خبر ئي ناھي، انھن سميت سنڌ جي سڀني ماڻھن جي ڄاڻ لاءِ ھتي 71 سال اڳ واري سنڌ اسيمبلي جي ڪجھ ميمرن جا نالا نموني طور رکون ٿا، جئين کين خبر پئجي سگھي ته سنڌ سان ڪيڏو نه ويڌن آھي جو ستر سيڪڙو انھن ئي ميمبرن جو نسل 2025 جي اسيمبلي به موجود آھي. اھو ڏسي ائين لڳندو آھي ڄڻ سنڌ اتي ئي بيٺل آھي، اڳتي ناھي وڌي، پوءِ ڀلا فقير مشتاق مڱريي، ڊاڪٽر اڪرم شيخ ۽ غلام سرور سھاڳ جھڙا جيالا ڪارڪن ۽ عام ماڻھو ڪئين ٿا ايوانن ۾ کٽي اچي پھچي سگھن؟ سڀني کي خبر آھي ته 14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو ھو، جنھن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کان 11 ڊسمبر 1954ع تي “ون يونٽ” جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو، ان اسيمبلي ۾ دادو مان پير الاھي بخش موجود ھو، جنھن جو پوٽو پير مظھر الحق 88 کان ايم پي اي ٿيو. ھاڻ وري پير مظھر جو پٽ پير مجيب ايم پي اي آھي. ڄام بشير احمد ڏهر به ان اسيملبي ۾ ھو، ھاڻ ڄام مھتاب ڏھر ويٺل آھي. علي اصغر شاه شيرازي جو نالو سامھون اچڻ سان خبر پئي ٿي ته ھن مھل قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ٺٽي جا شيرازي ان خاندان مان آھن. سردار علي گوهر مهر پڻ 54ع واري اسيمبلي ۾ موجود ھو، ھن مھل به سردار علي گوھر مھر سنڌ اسيمبلي ۾ آھي پر اِھو 71 سال اڳ وارو علي گوھر ناھي، ڇاڪاڻ ته اھو سندس چاچو ھو، جڏھن ته سندس سئوٽ ۽ برادري جو چيف سردار سڏائيندڙ محمد بخش مھر وري قومي اسيمبلي ۾ ايم اين اي آھي، جنهن جو والد سردار غلام محمد هو، ان کانسواءِ ھڪ ٻئي ايم پي اي جي سيٽ راجا مھر ۽ ضلعي گھوٽڪي جي چيئرمين شپ محمد بخش مھر جي ڀاءُ وٽ آھي. ماضي جي ذڪر ڪيل اسيمبلي ۾ امير بخش مهر پڻ ھو، جيڪو يقيني طور شڪارپور ضلعي مان ھوندو، جتان پھريان غوث بخش مھر ٽي ڏھاڪا سياست ڪئي ۽ ھاڻ ھن پنھنجي پٽن شھريار مھر ۽ عارف مھر کي قومي توڙي سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊرائي پاڻ پاسيرو ٿي ويٺو آھي. آغا بدر الدين دراني جو نالو ٻڌڻ شرط شڪارپور جي سياست تي حاوي پٺاڻ خاندان سامھون اچي ٿو، جنھن جي نمائندگي آغا سراج دراني ڪري رھيو آھي. اھڙي نموني مخدوم طالب المولى، سلطان احمد چانڊيو، سيف الله خان مگسي به ڪنھن تعارف جا محتاج ناھن. مخدوم خاندان مان جميل الزمان ۽ ٻيا اسيمبلين ۾ موجود آھن. سلطان چانڊئي جي وارثن مان سردار چانديو، جڏھن ته سيف الله مگسي جي خاندان مان نادر مگسي ۽ عامر مگسي چونڊبا پيا اچن. ائين سردار نور محمد بجاراڻي ۽ محمد بخش خان سرڪي جا نالا ٻڌڻ سان ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا موجودا اسيمبلي ميمبر ذھن تي اچن ٿا. مزاري خاندان بعد ۾ اتي حاوي ٿيو، اھو به ھن مھل خانداني سياست وڌائي پيو. هتي معلومات لاءِ اهو ٻڌائڻ انتهائي ضروري آھي ته مٿي ماضي جي جن به اسيمبلي ميمبرن جا نالا کنيا ويا آهن، انهن ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا هئا۔
اھي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون اُھي تلخ حقيقتون آھن. تفصيل ۾ وڃبو ته سوين صفحا لکڻا پوندا. ان مان سڌُ پئي ٿي ته سنڌ جي سياست تي مخصوص خاندانن جي ھڪ ھٽي قائم آھي، اھو ئي سبب آھي ته خوشحال سنڌ جا ماڻھو غريب ۽ مخصوص خاندان وڌيڪ امير ٿيندا وڃن، ان ڪري سنڌين کي شعور جو مظاھرو ڪري خانداني بُت پرستي مان نڪرڻو پوندو. ان سان گڏ عوامي سياست ڪندڙ ڌرين، وڪيلن، استادن، شاگردن، ھارين ۽ نارين سميت سول سوسائٽي جي سمورن شعبن کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جئين اھڙا انقلابي چونڊ سڌارا آڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي سگھجي، جن سان خانداني سياست جي رستا روڪ ٿي سگھي. ٻي صورت ۾ ايندڙ منُي صدي به اھي ئي خاندان سياسي وفاداريون مٽائيندا، آمريت جي ھنج ۾ پلجندا ۽ سنڌ تي قابض ٿيندا رھندا.