سڌي ڳالھ …..سنڌو بچايو تحريڪ ۽ بند گھٽيءَ ڏانھن وڌندڙ پ پ

0
52
سڌي ڳالھ .....سنڌو بچايو تحريڪ ۽ بند گھٽيءَ ڏانھن وڌندڙ پ پ

ملڪ جي عوامي ۽ چئني صوبن جي زنجير سڏائڻ جي دعويدار پ پ ھن وقت مڪمل طور گھيري ۾ اچي چڪي آھي، گھيرو به انھن ماڻھن ڪيو اٿس جيڪي ان کي پنجن ڏھاڪن کان بلينڪ چيڪ وانگر ووٽ ڏيندا پيا اچن، شايد اھڙي فري ھينڊ جي ڪري نه اھا پنجن سالن بعد حساب ڪتاب ڏيڻ جي پابند رھي آھي ۽ نه وري ڪنھن سندس قيادت کان پڇاڻو ڪرڻ جي جرئت ڪئي آھي، پر 8 مھينا اڳ جڏهن ايوان صدر مان سنڌو درياءَ تي ڇھن تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت جي انتھائي رازداري سان منظوري ڏني وئي ته صبر جو اھو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ھر پاسي کان ِاھي سوال ٿيڻ لڳا ته پاڻيءَ تي ڌاڙي جي منظوري جو حساب ڏنو وڃي، اھڙي ھمٿ واري پڇا جو پھريان ته جواب ڏيڻ ئي مناسب نه سمجھيو ويو، ڇاڪاڻ جئين ذڪر ڪيو ته اڄ تائين اھڙي نوبت ئي ناھي آئي، ٻيو وري ِاھو ذھن ۾ رکيو ويو ته سنڌي ماڻھو ڪجھ ڏينھن رڙي رڙي ماٺ ڪري ويھي رھندا، پر چوندا آھن ته وقت ساڳيو ناھي رھندو، ان ڪري پنھنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي ڪندڙن جڏھن پنھنجي آواز کي سون مان ھزارين، ھزارن مان لکين ۽ لکن مان ڪروڙين ماڻھن تائين پھچايو ته ھاڻ انھن جون ننڊون ڦٽي ويون آھن، جيڪي ھڪ مھينو اڳ تائين وڏي تڪبر، وڏائي ۽ نڪ جي پڪائيءَ سان اھو چئي رھيا ھئا ته سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪئنال نه پيو ٺھي.

پڙھندڙن کي ياد ھوندو ته نه رڳو پاڻ پر گھڻن ئي تجزيو ڪندڙن اھا اڳڪٿي ڪئي ھئي ته عيد الفطر کانپوءِ ڪئنالن واري تحريڪ وڌيڪ تيز ٿيندي، ڇاڪاڻ ته وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي سميت سنڌ حڪومت جا وزير ۽ مشير جنھن نموني ايتري اھم معاملي کي غير سنجيده طريقي سان ھيندل ڪري رھيا ھئا، اھو ڏسي پڪ ٿي ھئي ته رمضان المبارڪ ۾ اوج  تي پھتل تحريڪ سبب  عيدالفطر کان ترت پوءِ نه ته قرباني واري عيد تائين ڪا نه ڪا قرباني ضرور ٿيندي، انھي ڪري سڀني ڏٺو ۽ ٻڌو ھوندو ته سيد مراد علي شاھ، حڪومت خلاف سازش جون ڳالھيون شروع ڪري ڇڏيون آھن، اُھو مراد علي شاھ جيڪو ڪئنالن خلاف ڪا به ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه ھو ۽ ڪئنالن جي مخالفت ۾ نعرا ھڻندڙن کي چپ ڪرائي ڇڏيندو ھو، پر ھاڻ مائيڪ جھلي پاڻ  چئي ٿو ڪئنال سمورا نامنظور. رڳو اھو ئي نه اھو نثار کھڙو جيڪو ڪراچي ۾ ٿيل سانا جي پاڻي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي طرفان “ڪئنالن جا حامي سڀ …..” جو نعرو ھڻڻ جي فرمائش تي ساڻس اٽڪي پيو ھو، اھو به ھڪ ڏينھن اڳ ڪٿي ڪنھن شھر ۾ اھو نعرو ھڻي رھيو ھو ته ڪئنال ٺاھيندين پادر کائيندين. ھرڪو ڄاڻي ٿو ته عام جلسن جلوسن ۾ اھو نعرو ڪنھن کي ذھن ۾ رکي ھنيو ويندو آھي؟ پر پ پ عوامي دٻاءُ جي ڪري سنڌين جي ڪاوڙ گھٽائڻ لاءِ مجبور ٿي اھو نعرو ھڻڻ تي به راضي ٿي آھي. ڳالھ اڃا اتي ختم نٿي ٿئي، فريال ٽالپر صاحبه به ميدان تي لٿي آھي، جنھن کي وري سنڌ  جي ڪربلا ۾ تبديل ٿيڻ واري ڳڻتي ورائي وئي آھي.

پ پ اڳواڻن جون اھيِ ڦُڙتيون ۽ چالاڪيون، ان سياسي قلابازي وانگر آھن، جيڪي صدر ۽ وزيراعظم جي چونڊ وقت لوٽا پنھنجي سياسي بقاءَ لاءِ ھڻندي نظر ايندا آھن، ان ڪري سنڌ جي سياسي وايو منڊل تي نظر رکي ويٺل ڀلي ڀت ڄاڻن ته اھو سڀ ڪجھ پ پ چيرمين بلاول ڀٽي زرداري جي حيدرآباد ۾ 18 اپريل  تي “پاڪستان کپي” جي عنوان سان ٿيندڙ جلسي جي ڪاميابي لاءِ ڪيو پيو وڃي، جلسي جو عنوان پڙھي ھر ڪو سمجھي سگھي ٿو ته اھا ڪنھن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش آھي؟ جڏھن ته وقت ۽ حالتن موجب ان جو عنوان ڪئنال سمورا نامنظور ھجڻ گھرجي ھا، ڇاڪاڻ جو جڏھن توھان دعويٰ ڪيو ٿا ته ڪئنالن جا مخالف آھيو، پوءِ اھڙو عنوان رکڻ جي ضرورت ڇو نه محسوس ڪئي وئي؟ ان مان لڳي ٿو ته اقتداري طاقتن کي ان جلسي ذريعي اھو پيغام ڏنو ويندو ته اسان توھان سان ھرحال ۾ گڏ آھيون، ڀلي سنڌي ماڻھو ڪجھ به سوچين. مطلب ته اسان جا ريٽ وڌارايو، اسان وڪامڻ لاءِ تيار آھيون، ِاھائي اُھا سوچ آھي، جيڪا سنڌ تي سڀ کان  وڌيڪ حڪمراني ڪندڙ پ پ کي سنڌ جي عوام کان تيزي سان پري ڪري رھي آھي، جنھن جو سندس قيادت کي شايد احساس نه ھجي، پر جڏھن شاندار نظر ايندڙ عمارت ڪمزور ٿيندي آھي ته  اُھا ڪنھن کان به پڇي ناھي ڊھندي.

ھن وقت پ پ پاران بلاول ڀٽي زرادري صاحب جي جلسي جون تياريون وڏي پيماني تي جاري آھن، سڀني چونڊيل عيوضين کي ماڻھو آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي، پر ٻئي پاسي قومپرستن جي درياءَ بچايو تحريڪ ان جلسي جي تيارين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثرائتي نظر اچي پئي، مٿان وري وڪيلن پاران جلسي واري ڏھاڙي روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ثابت ڪري ٿو ته پ پ لاءِ لاڙڪاڻي واري جلسي کان حيدر آباد وارو جلسو وڌيڪ چئلينجن وارو آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن روڊ رستا بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته پوليس لاءِ سياسي ڪارڪنن جي ڀيٽ ۾ وڪيلن کي روڪڻ ڏکيو ھوندو، جيڪي ھن وقت سخت تاءُ ۾ نظر اچن پيا ۽ سندن طرفان ڪئنال رد ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڏنل الٽيميٽم مان ھيءَ سٽون پڙھجڻ تائين باقي 24 ڪلاڪ رھيل ھوندا، ان ڪري جيڪڏھن سرڪار ان حوالي سان ڪو ھاڪاري اعلان ڪري ٿي ته اھو  پ پ جي جلسي کي زيرو ڇڏيندو.

اھو پھريون ڀيرو آھي ته سنڌ جي  پاڻي واري موقف جي حمايت ۾ پنجاب مان به آواز اٿيو آھي، نه رڳو اھو ته سرائيڪين پر پنجابين پڻ ھارين جا ميڙاڪا ڪري اھو واضح طور چيو آھي ته اھي ان معاملي تي سنڌين سان گڏ آھن، ھڪ ڏينھن اڳ انجمن مزارعين پنجاب جي ڪنوينشن ۾ ان جو سڌو اظھار ٿيو، جنھن ۾ پنجابي ٻوليءَ ۾ تقريرون ڪندڙ مقررن چيو ته ھاڻي ڪالاباغ ڊيم وارو دور ناھي، ڪئنال جاگيردارن لاءِ ٺاھيا پيا وڃن، ٻيو ته ڇڏيو اعتزاز احسن جھڙو سگھارو آواز به چئي ٿو ته پنجابي آھيان پر پاڻي معاملي تي سنڌين سان گڏ آھيان، اھو سڀ ڪجھ ان ڪري ممڪن ٿيو جو ھڪ ته سوشل ميڊيا سرحد پار جاڳرتا جو ذريعو بڻي. ٻيو وري سنڌ دوست قيادت  پنجاب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڌرين کي اھو ذھن ۾ ويھارڻ ۾ ڪامياب وئي ته ريگستان ۾ پاڻي ڇڏڻ سان پنجاب جون آباد زميون به سنڌ جي آباد زمينن جيان متاثر ٿينديون، ان ڪري پنجاب ۽ وفاق جو اھو بيانيو مالڪن جي پنھنجي ڳچي ۾ پئجي ويو آھي ته پنجاب پنھنجي حصي مان ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيندو، جنھن تي پنجابي ھاري ۽ زميندار اٿي کڙا ٿيا آھن ته جڏھن پاڻي ڪٽوتي ڪري چولستان ۽ ٻين ڪئنالن ۾ ڏنو ويندو ته پوءِ سندن ٻنين جو ڇا ٿيندو؟

اھا سموري صورتحال سنڌ جي مفاد وٽان آھي، جنھن ۾ ھر سياسي سماجي ڌر سنڌين جي حمايت ۾ اچي بيٺي آھي، ان ڪري ڪئنالن جي ان تحريڪ سان پ پ بند گھٽي ڏانھن ڌڪجي رھي آھي، جنھن کي محسوس ڪندي ھاڻ سندس قيادت کي خيال آيو آھي ته سنڌ جي مالڪي ڪجي، پر اھڙو فيصلو ڪرڻ ۾ ھن دير ڪئي آھي. مراد علي شاھ جنھن سازش ڏانھن اشارو ڪري پيو، ان  سازش جي ڪو به جمھوري سوچ رکندڙ حمايت نه ڪندو پر افسوس اھو آھي ته ڪجھ سياسي لالچن ۾ پ پ سدائين پنھجا ڪُلھا استعمال ڪرايا آھن، ايوان صدر ۾ 8 جولاءِ وارو اجلاس به ان سلسلي جي ڪڙي ھو.