سڌي ڳالھ ……ايران- اسرائيل جنگ کان پير ڳوٺ ۾ ٿيل مزاحمت تائين

0
26
سڌي ڳالھ ......ايران- اسرائيل جنگ کان پير ڳوٺ ۾ ٿيل مزاحمت تائين

 ڪڏھن ڪڏھن لکڻ لاءِ ڪجھ به نه ھوندو آھي، سوچي سوچي ٿڪجي پوندا آھيون، اڳ اھو ٿيندو ھو ته قلمڪار ٻه چارِسٽون  لکي الائي ڪيترا پنا ڪارا ڪري اڇلائي ڇڏيندا ھئا، پر کين ون لائنر نه ملندو ھو، ھاڻ وري جديد دور آھي، ڪمپيوٽر يا موبائل فون ذريعي لکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري پنن ۽ قلم جو ته خرچ بچي پيو آھي، پر ڪمپيوٽر واري مشين سامھون ويھڻ شرط اھا سوچ ضرور ورائيندي آھي ته بجلي الائي گھڻي خرچ ٿيندي؟ ڇاڪاڻ جو مھانگائي ماڻھن جي زندگي گذارڻ واري انداز تي وڏا اثر ڇڏيا آھن، ان سڄي وايو منڊل ۾ سفيد پوش ماڻھو سخت متاثر ٿيو آھي، جيڪو ڪنھن کان گھري به نٿو سگھي، پاڻ شروعات ۾ ڳالھ ڪئي ته ڪڏھن ڪڏھن لکڻ لاءِ دماغ کي وڏي ھڻ ھڻان ڪري پئي ٿي، سو پنھنجي موضوع تي ھلجي ته بھتر رھندو، ھن ھفتي لکڻ لاءِ  ھڪ نه پر ڪيترائي موضوع آھن، ان ڪري اڄ لکڻ لاءِ ذھن تي گھٽ پر ڪِي بورڊ تي ھلندڙ آگرين تي زور وڌيڪ ڏيڻو پيو. هن ڀيري جن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي، اُهي ايترا وسيع آھن، جو انھن تي ڌار ڌار پيرائتا مضمون لکي سگھجن ٿا، پر  ان لاءِ پڙھندڙن کي ڪالم پڙھڻ لاءِ ھفتيوار جي حساب سان ٽي ھفتا  انتظار ڪرڻو پوندو، ان ڪري عالمي، ملڪي ۽ مقامي سطح جي ٽن اھم معاملن ايران اسرائيل جنگ، نئين مالي سال جي بجيٽ توڙي مھانگائي ۽ حُر جماعت ۾ ٿيل اُٿل پُٿل تي گڏيل طور لکي ھڪ ئي تير ۾ ٽي شڪار ڪريون پيا، اھو ان ڪري به ڪرڻو پيو جو حالتون تيزي سان تبديل ٿي رھيون آھن، جنھن لاءِ اھا حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پئي.

ايران ۽ اسرائيل ۾ شروع ٿيل جنگ

جيتوڻيڪ گھڻي وقت کان اھو دنگل ٿيڻ جا آثار چٽا ھئا، پر اسرائيل جنھن نموني ايران  تي اوچتو حملو ڪيو، اھو غير متوقع ھو، شايد ايران کي به ان جو اندازو نه ھو، انھيءَ ڪري ڪجھ ڪلاڪن جي بمباري ۾ ايران پنھنجي آرمي چيف ۽ ٻين فوجي عملدارن سميت 6 کن ائٽمي سائنسدان وڃائي ويٺو، جنھن تي ايران مٿان سندس ڊفينس نظام تي سخت تنقيد ٿي، حملي واري ڏھاڙي اسرائيل بدمعاش جيان ھر پاسي بدمعاشي ڪندو رھيو، جنھن جي سرپرستي آمريڪا ائين ڪئي، جئين ڪنھن دور ۾ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم وارا پنھنجن دھشتگردن جي ڪندا ھئا، ايم ڪيو ايم وارا ماريندا به ھئا ۽ تعزيت پڻ ڪندا ھئا، سو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ توڙي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو به ڪجھ ائين ئي ڪيو، خاص طور نيتن ياھو ايرانين کي ھمدردي واري انداز ۾ ورغلائيندي چيو ته سندن جھيڙو ايراني عوام نه پر حڪومت سان آھي، ان ڪري ھن کين چيو ته اھي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري بغاوت ڪن، پر سلام آھي ايراني قوم کي جيڪا ٻاھر ته نڪتي پر اسرائيلي اڳرائي خلاف، ايستائين جو اتان جي پابندي مڙھيل ڪميونسٽ پارٽي وارن به اسرائيل ۽ آمريڪا سان بيھڻ بدران ايران تي حملي جي سرعام مذمت ڪئي، جنھن سان اسرائيل جي ايران ۾ گھرو ويڙھ ڪرائڻ واري سازش ھن مھل تائين ناڪام ٿيندي نظر اچي پئي، جڏھن ته ايران طرفان سخت جوابي ڪارروائي ان جا ست ئي طبق روشن ڪري ڇڏيا آھن، ھٿين خالي  فلسطينين کي شھيد ڪرڻ جي ھيراڪ اسرائيل کي ٽن چئن ڏھاڪن دوران پھريون ڀيرو اھڙو جواب مليو آھي، جنھن سان تل ابيب لڏي ويو، اھو ساڳيو لوڏو واشنگٽن به محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته اھو اسرائيل سان گڏ آمريڪا تي به حملو  ليکبو، جنھن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پير پوئتي ڪيا آھن، جو ھو ھڪ ڪلاڪ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي ڳالھائي ٿو ۽ سعودي ولي عھد کي ڌار منٿ ميڙ ڪري ٿو ته ايران کي ڳالھين جي ٽيبل تي آڻيو، جنھن مان ثابت ٿئي ته ايران طاقتور ڌرين کي ٻڌائي ڇڏيو ته ايران غزا ناھي، فوري طور نٿو چئي سگھجي ته ايندڙ ڏينھن ۾ جنگ ڪٿي دنگ ڪندي؟ پر عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن مان لڳي ٿو ته تل ابيب سميت ٻين اسرائيلي شھرن ۾ تباھي ڏسي گھڻن ُملڪن جون اکيون کلي ويون آھن ۽ ھنن اسرائيل جي بچاء نظام جو پاڻي  ڪڇي ورتو آھي. بھرحال ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته ايران ۽ اسرائيل جو ڇا ٿيندو، پر اھو طئي ٿي چڪو ته دنيا ۾ ايران جي اھميت پهريان کان وڌي وئي آھي،ان ڪري خطي ۾ دوست ۽ دشمن جي به نئين سر جوڙ جڪ ٿيندي ،جنھن دوران ڪجھ ملڪن جا اتحادي تبديل ٿيندي نظر اچي رھيا آھن

نئين مالي سال جي بجيٽ ۽ مھانگائي

ورلڊ بئنڪ  جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته پاڪستانين جو 45 سيڪڙو غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذاري پيو. رپورٽ موجب انتهائي غربت ۾ رهندڙ ماڻهن جي شرح چار ڏھائي 9 مان وڌي 16 ڏھائي چار سيڪڙو تائين  پھتي آھي، اھڙي ڇرڪائيندڙ صورتحال ۾ جيڪا بجيٽ پيش ٿي، ان مان ائين لڳي ٿو ته ايندڙ وقت ڀوائتو ھوندو، مٿان وري خطي ۾ شروع ٿيل ايران اسرائيل جنگ به گھڻا سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، جنھن جا پاڪستان تي اثر ھاڻي کان ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا آھن، جو تيل جو اگھ 5 رپيا في لٽر وڌايو ويو آھي، ان مان خبر پوي ٿي ته مھانگائي وڌندي، جنھن سان حڪومت جو سرڪاري ملازمن کي  10 کان 12 سيڪڙو  پگھار ۾ ڏنل نالي ماتر اصافو پھرين سٽ ۾ ئي ڌوپجي ويو آھي، اھا ڪيڏي نه بدقسمتي آھي ته ججن، پارليامنيٽ ميمبرن ۽ سينيٽ جي چيئرمين توڙي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگھارن ۾ ته 3 کان 6 سئو سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي پر عوام کي رليف ڏيڻ ۽ پگھارن ۾ واڌاري کي وري مالي بحران ۽ آءِ ايم ايف جي شرطن جو نالو ڏئي رد ڪيو وڃي ٿو، خبر ناھي بجيٽ ٺاھڻ وقت حڪمرانن کي اھو خيال ڇو نه آيو ته پينشر جي پينشن سندس وفات جي 10 سالن بعد بند ڪرڻ کانپوءِ انھن لکين خاندانن جو ڇا ٿيندو، جن جا وارث ان تي گھر جو گاڏو ھلائيندا آھن، اھڙو فيصلو سامھون اچڻ بعد نيٽ تي وڃي سرچ ڪرڻ مان خبر پئي ته مملڪت خداداد جي صدر کي تاحيات پينشن ڏني ويندي آھي، جڏھن ته ٻيون سھولتون ان کان ڌار آھن، پر انھن کان ھڪ غريب پينشر جي پينشن برداشت نه ٿي، بلڪل ائين سولر  تي 18 سيڪڙو ڊيوٽي ھڻي لوڊشيڊنگ جي ستايل عوام کان سولر جي سھولت به وات مان گرھ جيان کسي وئي آھي

حُر جماعت ۾ ڀڃ ڊاھ يا بغاوت؟

پوئين ٻن ھفتن کان سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي حُر جماعت ۾ ٿيل اُٿل پٿل جو معاملو گھڻو بحث ھيٺ رھيو، جنھن دوران ڪيتريون ئي اھڙيون ڳالھيون سامھون آيون، جيڪي اڳ به شايد ٿيون ھجن پر ھاڻ جئين ته سوشل ميڊيا جو دور آھي، ان ڪري وڌيڪ ظاھر ٿيون، ڪجھ چڱا ڀلا پڙھيل لکيل اھو زور ڀريندا رهيا ته خليفي وريام فقير کي ھٽائڻ ۽ ڊاڪٽر ھاشم خاصخيلي کي مقرر ڪرڻ حُر جماعت جو اندروني معاملو آھي، ان ڪري ان تي نه ڳالھايو وڃي، جڏھن ته پاڻ وري عمران خان جي طلاق کان وٺي قومپرستن جي ذاتي زندگين بابت ٺونٺ جيتريون پوسٽون لکي ڳالھ کي ڳالھوڙو بڻائندا رھيا آھن، سڀني کي خبر آھي ته حُر جماعت جو ماضي ۾ اھم ڪردار رھيو آھي، جنھن بابت ڪيترائي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب شايع  ٿي چڪا آھن، پوءِ ان ۾ ٿيل ھيڏي اُٿل پُٿل تي ڇو نٿو ڳالھائي سگھجي؟ ان ڪري سنڌي ماڻھن پيري مريدي تي کليل نموني ڳالھايو، ھونئن به سياست جي نالي ٿيندڙ پيري مريدي بابت ضرور ڳالھائجي، تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو ٿيو جو وقت جي پير پاڳاري جو حڪم خلاف مريد ٻاھر نڪتا ۽ ھنن درگاھ پير ڳوٺ پھچي  وريام فقير جي حمايت ۾ احتجاج ڪيو، جن کي جيتوڻيڪ سخت ڪارروائي ڪري ڪڍيو ويو، پر اصل ڌيان طلب ڳالهه فيصلي خلاف گڏ ٿيلن جي مزاحمت هئي، جيڪا وڏي پيماني ٿي، ھن وقت جيتوڻيڪ مک خليفي  سميت سمورن نائبن کي ھٽائڻ ۽ نون جي مقرري بعد حُر جماعت ۾ خاموشي آھي پر وقت ٻڌائيندو ته ان پٺيان  اصل راز ڪهڙو ھو، ڇاڪاڻ ته اھو سڀ ڪجھ ڪو اوچتو نه ٿيو، ڀلي ڪو ڇا به چئي پر اھو چوڻ ۾ ڪو وڌاءَ نه ٿيندو ته جئين فوج ۾ بغاوت ٿيندي آھي، تئين حرُ جماعت ۾ به ڪنھن امڪاني بغاوت کي چٿيو ويو آھي، ھاڻ ڏسجي ته ايندڙ وقت ۾ پير صاحب پاڳاري جي ان ايڪشن جا ف ليگ جي سياست ۽ ووٽ بئنڪ تي ڪھڙا اثر پون ٿا؟