جنھن ڏھاڙي ڪراچيءَ ۾ نور محمد برفت ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ڳوٺاڻن کي اٿارڻ ۽ گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ٿي رھي ھئي، گھڻو ڪري انھيءَ ڏينھن پرنٽ ميڊيا ۾ 2 انتھائي اھم خبرون پڙھڻ وٽان مليون، جيڪي پڻ ڪراچي جي زمينن جي حوالي سان ھيون، فرق رڳو اھو ھو ته ڌرتي ڌڻين جي وسندي نور محمد برفت ڳوٺ کي قبضو قرار ڏنو وڃي ٿو، جڏھن ته ٻن ٻين خبرن ۾ سرڪاري سطح جي اجلاسن ۾ اھي ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامھون آيا ته ڳجهه ڳوھ ۾ زمينون ورھايون يا کپايون ويون. ھڪ خبر ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته اسٽيل مل جي ٽن يونيورسٽين لاءِ ڏنل 54 ايڪڙ زمين رد ڪري چئن ماڻھن کي ڏني وئي آھي. اھڙي نموني ٻي خبر ۾ وري اھو ٻڌائي قوم کي حيران ڪيو ويو ته ڪراچي پورٽ جي اربين رپين جي زمين ڀڳڙن مُٺ تي نيلام ٿي. ِاھي نه ڪنھن رپورٽر جون فائل ڪيل ڪي خاص رپورٽون ھيون ۽ نه ئي ڪنھن انگريزي اخبار جي ذريعن وٽان اسٽوري، جو غلط ھجڻ جا شڪ پيدا ٿين، پر اھي خبرون ملڪ جي اعليٰ ايوان سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ پبلڪ اڪائونٽس جي ٿيل اجلاسن دوران ظاھر ٿيون.
ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺن جي ھڪ وڏي تاريخ آھي. اڃا به جيڪڏھن ائين چئجي ته وڌيڪ بھتر رھندو ته دنيا جو ھيءَ اجگر شھر پاڻ ڳوٺ جي پيداوار آھي، ان ڪري ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي ته ماضي ۾ اتي ڳوٺن جو ڪو وجود نه ھو، بس بدقسمتي اھا آھي، جو انھن جي تاريخي پسمنظر بابت ان نموني ڪم ناھي ٿيو، جئين ٿيڻ گھرجي، اھو ئي سبب آھي ته ماضي جي ڪلاچي ۽ حال جي ڪراچي جو ڪو ڳوٺ ڀلي ڪيترو به پراڻو ڇو نه ھجي، ان جي وجود کان انڪار ڪري ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، جنھن پٺيان ھڪ مائينڊ سيٽ نظر اچي ٿو، جنھن جي سوچ اِھا آھي ته سنڌي “غير مقامي” ۽ سندن آباديون غير قانوني آھن. ھاڻ انھن عقل جي انڌن کي ڪير ٻڌائي ته جن کي اھي قابض چون پيا، اھي ئي ڌرتي جا اصل وارث آھن، پر وقت جي ستم ظريفي آھي جو گلگت- بلتستان، ڪشمير، ڪي پي ۽ پنجاب جي ماڻھن جي ڪراچي اچڻ، نوڪرين ۽ تعليمي ادارن مٿان والار تي اعتراض نٿو ڪيو وڃي، ھا باقي سنڌين جي ڪراچي ۾ نوڪرين ڪرڻ يا آفيسر جي مقرري خلاف عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ٿين ٿيون. ٻيو ته ڇڏيو ھڪ سال کن اڳ نگران سرڪار طرفان ملڪ مان غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ جيڪا مھم شروع ڪئي وئي، اھا سنڌ ۾ روڪرائڻ لاءِ شيما ڪرماني عدالت وڃي پھتي ھئي. اھا شيما، جنھن کي ھر سنڌ دوست پنھنجين تقريبن ۾ گھرائيندو آھي. مطلب ته ڀلي ٻين صوبن مان غير قانوني پرڏيھي وڃن، بس سنڌ مان نه وڃڻ گھرجن. اتي اچي سڀني کي انساني حق ياد اچي ويا پر 14 آگسٽ 1947 کان سنڌ ۾ ٿيل ھڪ طرفي لڏپلاڻ ۽ اتان جي رھواسين جي ھر شيءِ تي قبضو ٿيو، ان جي ڪنھن کي پرواھه ناھي. اھو ئي سبب آھي ته ورھاڱي بعد ِھتي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل سنڌ لاءِ “متروڪا سنڌ” جو وڏي واڪي لفظ استعمال ڪن ٿا. سندن چواڻي ھو پنھنجو سڀ ڪجھ ڀارت ڇڏي آيا ۽ ان عيوص کين سنڌ ۾ ملڪيتون مليون، جڏھن ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته مسلماني جي نالي تي آيلن ڪھڙي نموني ڪوڙا ڪليم ٺھرائي، سنڌ جي قيمتي گھرن توڙي قيمتي زمينن تي والار ڪئي، جنھن جي اصليت ڪجھ سال اڳ پي ٽي وي جي ھڪ ڊرامي ۾ واھ جو بيان ڪئي وئي، جيڪو جن به ڌٺو، انھن کي لياقت علي خان جي ڪردار کان ويندي ٻوليءَ جي وڳوڙن تائين سڄي ڪھاڻي سمجھ ايندي. ان ڏس ۾ نامياري دانشور پروفيسر اعجاز قريشي جو لکيل ڪتاب “ڪراچي جي ڪھاڻي” به اھم دستاويز آھي، جنھن ۾ ھن کولي ٻڌايو آھي ته ورھاڱي بعد سنڌ سان ڪھڙا ڪلور ٿيا ۽ خاص طور ان جي گادي واري شھر ڪراچي تي قبضي لاءِ ڪھڙي نموني رٿابندي ڪئي وئي!
ڳالھين ڳالھين ۾ پاڻ ٿورو پري نڪري آياسين پر جڏھن ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ ڊاھڻ جي ڪوشش ٿيندي آھي ته پوءِ ماضي جا حوالا ڏيڻ ضروري ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اڄڪلھ جي نوجوان نسل ۾ تاريخ پڙھڻ جو رجحان صفا گھٽ آھي، ان ڪري انھن کي سمجھائڻ لاءِ ماضي جا ورق اٿلائڻا پون ٿا. نور محمد برفت ڳوٺ سميت ڪراچي ۾ اھڙا ھڪ ھزار کان وڌيڪ ڳوٺ موجود آھن، جن مان ڪيترن ئي تي چڙھايون ٿينديون رھن ٿيون، جڏھن ته انتظاميا کي خبر به آھي ته انھن وٽ پاڪستان کان اڳ جا ڪاغذ پٽ آھن. بحريا ٽائون ٺاھڻ وقت جنھن نموني انڌير نگري مچائي ڳوٺن جا ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪيا ويا، ان جو ھڪ ڌار داستان آھي، جتي شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي تڪئي سميت ڪيترن ئي تاريخي ماڳن سان ھٿچراند ڪئي وئي. نور محمد برفت ڳوٺ بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اھو 35 ايڪڙن تي ٺھيل آھي، جتي 2 کان اڍائي ھزار گھرن ۾ اٽڪل 20 ھزار کن ماڻھو رھن ٿا، جن جو تعلق گھڻي ڀاڱي ھيٺين طبقي سان آھي. ٻڌائين ٿا ته پوليس عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوئين ھڪ ڏيڍ مھيني ۾ پنج کان ڇھ ڀيرا چڙھايون ڪري چڪي آھي. ورھين کان قائم ان ڳوٺ جي زمين جا دعويدار ڌاريا آھن، جن جو چوڻ آھي ته کين 1970 ۾ اھا زمين الاٽ ٿي، پر انھن ماڻھن کي قابض قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪي ان ڌرتي جا اصل مالڪ آھن.
ھاڻ پاڻ اچون ٿا شروعات ۾ ذڪر ڪيل ڪراچي پورٽ ۽ اسٽيل مل جي زمينن ڏانھن، جيڪي ائين ورھايون ويون آھن ته ڄڻ اھي غنيمت جو مال ھجن، ڇاڪاڻ ته حڪومتي اتحاد جو اھم ماڻھو فيصل واوڊا چئي ٿو ته ڪراچي پورٽ جي 500 ايڪڙ زمين رڳو 4 ارب رپين ۾ ڏني وئي، جيڪو زمين الاٽمينٽ جو ميگا اسيڪينڊل آھي، ڇاڪاڻ سندس چواڻي ته ان زمين جي مارڪيٽ ويليو 60 ارب رپيا آھي. اھڙي ريت اسٽيل مل جي زمينن بابت پڻ سرڪار جي پنھنجي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طرفان اھا ڳالھ سامھون آئي آھي ته ٽن يونيورسٽين لاءِ ڏنل 54 ايڪڙ زمين ڳجهه ڳوھ ۾ رد ڪري 4 فردن کي ڏني وئي آھي، پر ڪميٽي انھن جا نالا ظاھر نه ڪيا. انھيءَ ڪميٽي اھو به انڪشاف ڪيو آھي ته اسٽيل مل جي 75 ڪروڙ رپين جي زمين تي پڻ قبضو ٿيل آھي.
ان بيان ڪيل سڄي تفصيل کانپوءِ خبر پوي ٿي ته ھڪ منظم رٿابندي ھيٺ سنڌ جون زمينون ورھائي ۽ سنڌو درياءَ جو پاڻي قبضي ۾ ڪري سنڌين کي پنھنجن وسيلن جي مالڪي واري حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. حد آھي ته اھو سڀ ڪجھ سنڌ حڪومت جي سامھون ٿئي پيو، پر ھن اڄ تائين اھڙي وارتا تي ھڪ لفظ به ناھي ڳالھايو، پر دعويٰ وري اھا ڪئي وڃي ٿي ته اھا سنڌ جي حقن جي محافظ آھي. ڪو ٻڌائي ته ڇا اھا سنڌ ۽ سنڌين جي مالڪي آھي، جو نور محمد برفت ڳوٺ کي قبضو ڄاڻائي ھڪ ھفتي ۾ 6 ڀيرا چڙھائي ڪئي وڃي ٿي پر ٻئي پاسي ڳجھ ڳوھ ۾ سنڌ جي زمينن جي ونڊ ورڇ ٿي رھي آھي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي ان خاموشيءَ جو جواب ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ٿي سگھي ٿو ته پ پ ايندڙ وقت ۾ 5 سال وڌيڪ حڪومت ڪري پر خدشو آھي ته ان دوران سنڌ جون زمنيون، پاڻي، جبل، گيس ۽ ڪوئلو سدائين لاءِ طاقتور ڌرين حوالي ٿي ويندا، جيڪا سنڌ ۽ سنڌين سان ويساهه گهاتيءَ برابر آھي. پ پ قيادت کي ھوش کان ڪم گھرجي، سڄي ملڪ مان تڏا ويڙھ ٿيڻ ڪري ھن وقت سندس سياسي لائيف لائين رڳو سنڌ آھي. بھتر ٿيندو ته اھڙا قدم نه کڻي، جنھن سان سنڌ جي حقِ حاڪميت کي نقصان پھچي. ٻي صورت ۾ سنڌي ماڻھو ساڻس پنجاب، ڪي پي، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت- بلتستان وارو حشر ڪري سگھن ٿا.