سڌي ڳالهه ……..ڌرتي وڃائيندڙ فلسطيني ۽ سنڌ جي مالڪي واري تحريڪ

0
21
سڌي ڳالهه ........ڌرتي وڃائيندڙ فلسطيني ۽ سنڌ جي مالڪي واري تحريڪ

گھڻن ڏينھن کان اھا سوچ ھئي ته انھن لکين مظلوم فلسطينين لاءِ لکجي، جن کان سڄي دنيا ذري گھٽ لاتعلق ٿي چڪي آھي، سوشل ميڊيا تي سندن دل سوز وڊيو ڏسي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. بمباري سبب ڊٺل عمارت جي ھڪ چاپڙ ھيٺان ڇھن کان اٺن مھينن جي زخمي ٻارڙي کي ھڪ ڪُتي شرٽ ۾ چڪ وجھي اتان ڪڍيو، جنهن جي وڊيو سڄي انسانيت کي شرمائي ڇڏيو. هتي ان  فلسطيني نينگريءَ کي به ڀلا ڪئين ٿو وسارجي، جيڪا عيد ڏھاڙي روئندي چئي ٿي ته سندس گھر جا سمورا ڀاتي وڇڙي چڪا آھن، سندس ڏک ۽ اندر جو طوفان اھو ئي سمجھي سگھي ٿو، جيڪو پاڻ کي ان جي جاءِ تي محسوس ڪري، پر اھو ايترو ھنياءُ ڏاريندڙ لمحو ھوندو آھي، جنھن جي تصور لاءِ به مضبوط دل گھرجي، جيڪا سڄي دنيا ۾ رڳو فلسطينين وٽ آھي، جيڪي ورھين کان نسل در نسل ويڙھ باوجود ھر اڀرندڙ سج سان آزادي جو نئون جذبو کڻي اسرائيل سان مھاڏو اٽڪائيندا آھن، ان اسرائيل، جنھن سندن ڌرتي تي قبضو ڪري کين پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو آھي. ھو پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍ تي روزانو رڙيون ۽ احتجاج ڪن ٿا، پر انھن جي ڪو به ٻڌڻ وارو ناھي، بلڪل ائين جئين مُني صديءَ کان سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي، وسيلن ۽ پاڻيءَ تي والار خلاف سراپا احتجاج آھن پر کين ڏاڍ ۽ جبر ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ڀيٽ فلسطين سان ڪرڻ تي ڪي ماڻھو ڪاوڙبا آھن، ڇاڪاڻ سندن چواڻي فلسطين ۽ سنڌ جي حالتن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي، پر جنھن نموني ستن ۽ خاص طور ٽن ڏھاڪن کان سنڌ سان ٿي رھيو آھي، ڇا اھو سنڌين کي فلسطينين وانگر بڻائڻ جي ڪوشش ناھي؟ اھو سوچي ڪجھ ِسٽون فلسطينين سان ٻڌيءَ جو اظھار ڪندي اھو چئبو ته اي فلسطينيو! توھان لاءِ ضرور لکبو پر ھن مھل سنڌي ماڻھو به توھان وانگر پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھي رھيا آھن، ان ڪري اجازت ڏيو ته ڌرتيءَ ڌڻي طور پنھنجن ماڻھن لاءِ پھريان لکون ته جئين توھان وانگر ڪٿي اسان کان به پنھنجي وطن جي مالڪي ۾ دير نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ٻڌائي ته فلسطينين زماني جي غفلتن ۾ رھي ۽ سنڌين جيان ٻاھران ايندڙن تي اعتبار ڪري گھڻو وڃائي ڇڏيو آھي.

پاڻ اڪثر اھو جملو ٻڌندا آھيون ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رھيو آھي. ھن مھل سنڌ جي اھا ئي صورتحال آھي. ھر ڏينھن سنڌ وارن لاءِ ھٿ سان ڪا نه ڪا نئين مصيبت پيدا ڪئي پئي وڃي. جئين فلسطينين ۾ ڪي نادان ھئا، ائين سنڌ ۾ پڻ موجود آھن، جيڪي وري پنھنجي اقتدار جي بک ۾ سنڌ جا شھر، بحر ۽ وسيلا ائين لکي ڏئي يا ورھائي رھيا آھن، ڄڻ مھراڻ جي ماٿري سندن ذاتي جاگير ھجي. ھڪ ڏينھن به سُک سان نٿا ويھڻ ڏين. ھر ايندڙ ڏينھن نون حڪمن ذريعي سنڌين کي غلام بڻائڻ جي سازش ٿي رھي آھي، پر ٻئي پاسي ٻن ڏھاڪن کان حڪمراني ڪندڙ چون ٿا ته سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي، ڪنھن وقت ۾ فلسطينين جي وڏڙن پڻ اھڙي خوشفهمي ظاهر ڪئي هئي، پر کين خبر ان وقت خبر پئي، جڏھن سندن پيرن ھيٺان ڌرتي کِسڪي چڪي ھئي، سنڌ کي بلڪل اھڙين ئي حالتن ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي. اھڙي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ڏسي احتجاج ڪجي ٿو ته ان کي ملڪ ۽ وفاق دشمني قرار ڏنو وڃي ٿو. اھو وفاق جيڪو چئن تاريخي وحدتن سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان تي ٻڌل آھي، پر  ٽن کي مائنس ڪري رڳو پنجاب کي پاڪستان سمجھيو پيو وڃي.

8 مھينن کان سنڌو درياءَ تي ڇھ تڪراري ڪئنال ٺاھڻ خلاف احتجاج ڪندڙ سنڌين سڄي ملڪ کي حيران ڪري ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ ته طاقتورن طرفان جنھن نموني لِڪ لڪوٽيءَ ۾ سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ھڻي گرين پاڪستان جي نالي سنڌ جون زرخيز زمينون سڪائڻ جي رٿابندي ٿي، ان بعد ان سازش کي تڪڙو وائکو ڪرڻ سولو نه ھو پر سنڌين سان ھر ڏکئي وقت ۾ ڀرجھلو رھندڙ قومپرستن ايوان صدر ۾ ٿيل فيصلي خلاف سڀ کان پھريان حق جو آواز بلند ڪيو، جنھن بعد ان تحريڪ گھڻن جي چھرن تان سنڌ دوستي جو چڙھيل نقاب لاھي ڇڏيو آھي، جيڪي ھن وقت منھن لڪائڻ لاءِ ڪنڊون ڳولي رھيا آھن. ان سڄي تحريڪ دوران پ پ جو ڪردار پنھنجي جي روپ ۾ ڌارئي وارو رھيو آھي، جنھن جا اڳواڻ ڌرتي واسين سان ھيتري جُٺ ڪرڻ باوجود پاڻ کي سنڌ پرست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، ڇاڪاڻ ته ھنن ماضي ۾ سنڌ ڪارڊ سدائين اھڙن موقعن تي استعمال ڪيو آھي. جس ھجي سنڌي ماڻھن کي، جن ھيل پ پ جي سمورن دليلن کي ڪوڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.سڀني کي ياد آھي ته جولاءِ 2024 کان شروع ٿيل احتجاج کانپوءِ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان وٺي پ پ جي ھيٺين سطح جي اڳواڻ تائين اھا دعويٰ ھئي ته ڪو به ڪئنال نه پيو ٺھي، پر صدر آصف زرداري جي تقرير کان ويندي سنڌ اسيمبلي جي ٺھراءُ تائين پ پ وارن پنھنجي ان ڪوڙ جي پاڻ تصديق ڪئي ته ڪئنال ٺھن پيا يا ٺاھڻ جو فيصلو ٿيو آھي، جنھن سان سنڌين جي نفرت ۾ اڃا واڌ ٿي، ان ڪري احتجاج ۾ سوچ کان وڌيڪ بي انتھا شدت آئي، جيڪا اڄ تائين ڪنھن به تحريڪ ۾ ناھي ڏٺي وئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾اھو پھريو ڀيرو ھو ته عيد الفطر جا ٽئي ڏينھن ماڻھن احتجاج ڪيو. ٻيو ته ڇڏيو  ڪجھ شھرن ۾ ڄڃ  سان ويندڙ گھوٽ ڪنوار به احتجاجن ۾ شامل ٿيا، ان ڪري ان تحريڪ کي ڪجھ سياسي پارٽين جي سياسي ڪارڪنن نه پر عوام جي تحريڪ چئبو، جنھن تي سچ پچ ته قومپرست اڳواڻ به حيران ھوندا، جو ھنن ايترو عوامي اُڀار اڳ ڪڏھن به نه ڏٺو ھوندو. ان تحريڪ ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اھا وڊيو گھڻن لاءِ اتساھ جو سبب هئي، جنھن ۾ ھڪ پنجن ڇھن سالن جي ٻارڙي گھروارن سان ڪار جي پوئين سيٽ تي ويھي “سنڌو وھندو رھندو” ڪلام تي لِپسنگ ڪري پنھنجي جذبات جو اظھار ڪري رھي آھي. ان دوران سندس تاثرات ڏسڻ وٽان آھن، جنھن ان فلسطيني ٻارڙي جي ياد ڏياري ڇڏي، جنھن صحافين سان ڳالھائيندي بلڪل اھڙا  اتساھيندڙ تاثرات ڏيکاريا ھئا، جيڪي سنڌي ٻارڙيءَ، محترم اسحاق سميجي جي ملوڪ شاعري تي ڏيکاريا ۽ صنم ماروي وري ان کي شاندار نموني ڳائي امر بڻائي ڇڏيو. جيڪڏھن ڏسجي ته ٻن ٽن ڏھاڪن بعد اھڙي انقلابي شاعري ٻڌڻ لاءِ ملي آھي، جنھن ۾ پنھنجي ڌرتيءَ جي ماڻھن ۽ درياءَ سان محبت جي انتھا بيان ڪئي وئي آھي.

پ پ وارن کي 4 اپريل تي موقعو مليو ته اُھي ڪئنالن بابت پنھنجي ڪوڙ تي معافي نٿا وٺن ته گھٽ ۾ گھٽ غلطي جو ازالو ڪن، پر  بلاول ڀُٽي زرداري ڏيڍ ڪلاڪ جي خطاب ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون، اُهي پ پ اڳواڻن جي ڪيترن ئي ڏينھن کان ٿيندڙ ڳالھين جو ورجاءَ ھو. ھو باضابطه ۽ خاص طور ڌيان ڏياري ڪئنالن جي معاملي تي مخاطب نه ٿيو، هن سڄي تقرير ۾ هڪ رٿابندي سان مختلف وقتن تي سنڌوءَ جو ذڪر ڇيڙيو، جئين مالڪ کائنس ناراض نه ٿين. جيڪڏهن ھو پاڪستان کپي جيان، ڪئنال نه کپن جو نعرو هڻي ها ته اها سنڌ سان بيهڻ جي نشاني هئي. سندس سڄو خطاب محتاط هو، پهريون ڀيرو ايترو سوچي ڳالهائي رهيو هو جو لفظن جي چونڊ ۾ به منجهيو پئي. ڪئنالن سان گڏ اميد هئي ته سنڌ جي سمورن معاملن تي ڳالهائيندو، پر ٻيو ته ٺھيو ھن سنڌ جي چئن ضلعن ۾ ڊگھي عرصي کان تباھ ٿيل امن امان بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو، باقي ھر ڀيري جيان صحت جي سهولتن تي فخر ڪيائين پر کيس ڪھڙي خبر ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ مريضن سان ڪھڙي ويڌن ٿئي پئي؟ ان جي ڀيٽ ۾ شھيد مُرتضي ڀُٽي جي فرزند ذوالفقار ڀُٽو جونيئر لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي پھرئين سياسي جلسي ۾ ڪئنالن سميت ڌاڙيل فيڪٽر، امن امان ۽ هندو برادري بابت خاص طور ڳالھايو، ان ڪري ھو اھو وڏي واڪي چوڻ گھرجي ته بلاول ڀٽو زرداري اسٽيبلشمينٽ ۽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر سنڌ سان بيٺو .

بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير جي بچاءُ ۾ ڳالھائيندڙ چون ٿا ته بلاول ملڪي سطح جو اڳواڻ آھي، ان ڪري ان حساب سان ڳالھايائين. جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ ھن بلوچستان جي ذڪر مھل ماھرنگ بلوچ جي گرفتاري تي ڇو نه ڳالھايو؟ يا سردار اختر مينگل جي لانگ مارچ تي چپ چورڻ جي جرئت ڇو نه ڪيائين؟ جنھن جي خضدار کان  شروع ڪيل لانگ مارچ کي سندس پارٽي جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ھڪ ھفتي کان ڪوئيٽا پھچڻ کان روڪيو ۽ اتي خندقون کوٽي ٽرالر بيهاري رڪاوٽون وڌيون آهن، اھا ڪھڙي جمھوريت آھي؟ يا ان کي به “جمھوريت بھترين انتقام” جو نالو ڏجي؟ /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

ھن مھل سنڌ جون حالتون اھڙيون آھن، جو جيترو به لکجي گھٽ آھي، پر پاڻ اھو چئي ڳالھ ختم ڪنداسين ته سنڌ تبديل ٿي چڪي آھي، شل سنڌ فلسطين نه ٿئي. جيڪي بنگال سان ٿيو، اھو ھاڻ ڪنھن سان به نه ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداري کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته 4 اپريل تي سندس پارٽي جي باني جي ورسي واري جلسي ۾ “وفاق تو سان جهيڙو آ”، “پنجاب تو سان جهيڙو آ” ۽ “جاري آھي جاري  رھندي، جنگ اسان جي جاري رهندي”، جا نعرا لڳا آھن. ڊڄي ان ڏينھن کان جڏھن انهن نعرن جي بنياد تي سنڌ جا ماڻھو ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اھا سنڌي ماڻھن طرفان عوامي انقلاب جي شروعات ھوندي. ڪئنالن خلاف ھلندڙ تحريڪ ان جي پھرين وک آھي. ان ڪري سنڌ جي ماڻھن جي پاسي بيھي  سنڌوءَ تي “ڪئنال نامنظور” جو واضح اعلان ڪيو وڃي.