جنھن مهل توھان ھي ڪالم پڙھي رھيا ھوندئو، 16 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پ پ طرفان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري پنهنجي ئي صدر جي فيصلي خلاف مظاھرا ٿي رھيا ھوندا، ڇاڪاڻ ته 8 مھينن جي نه نه ۽ سنڌي ميڊيا ٽيمن جي چولستان پھچڻ بعد نيٺ مراد علي شاھ سرڪار ڪئنالن بابت اڌوگابرو اعتراف ڪيو آھي، جڏھن ته اڃا تائين هو اھو مڃڻ لاءِ تيار ناھي ته ڪئنال ٺھن پيا، پر وري اھو به فرمائي ٿو ته پرڏيھي سيڙپڪارن لاءِ ڪئنالن جو ماڊل ٺاھيو ويو آھي. جيتوڻيڪ ڳالھيون ٻيون به کوڙ ڪيون اٿس پر سندس سمجھ نه ايندڙ فلسفي کي سنڌ جي ماڻھن بلڪل ائين رد ڪيو آھي، جئين 6 ڪئنالن کي پنھنجي احتجاجن، مظاھرن، ريلين ۽ مارچن سان رد ڪندا پيا اچن.
ھن ڀيري لکڻ لاءِ موضوع گھڻا آھن، ان ڪري قلم کڻڻ مھل يا جديد دور جي گھرجن موجب چئجي ته ڪمپيوٽر سامھون لکڻ جي سنبت ڪئي ته گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ کن انتھائي گھري سوچ ۾ مبتلا ٿيڻو پيو ته ڪھڙي ڳالھ تي لکجي ۽ ڪھڙي ڇڏجي؟ ائين کڻي چئو ته دلبر شاعر تاجل بيوس وانگر اندر مان آواز آيو، “ڇا لکي ڇا لکان، ھڪڙو قلم ھڪڙو مان، ڪئين پورو پوان”. سو جڏھن لکڻ شروع ڪيو ته ملڪي سطح جا ڪيترائي سياسي، سماجي مسئلا ۽ خاص طور بلوچستان جون ٻرندڙ حالتون اکين سامھون ِڦري آيون، جتي نواب اڪبر بگٽيءَ جي شھادت بعد صورتحال ڏينھون ڏينھن خراب آھي، پر حڪومت جي ھر اُبتي سُبتي قدم تي واھ واهه ڪندڙ واٺا چون ٿا ته حالتون ڪنٽرول ۾ آھن، جئين وفاقي گھرو وزير محسن نقوي ھام ھنئي ته بلوچستان جون حالتون ته ھڪ ايس ايڇ او جي مار آھن. مطلب ته ايس ايڇ او ئي اتان لاءِ ڪافي آھي ۽ ھاڻ وري آپريشن جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن، انکي چئبو آھي ته جڏھن ملڪ ناسمجھن حوالي ٿي وڃن ته پوءِ ڪنھن دشمن جي ضرورت ناھي پوندي، شايد مھر ڊٻائي اھڙن ئي لاءِ چيو آھي ته، “جڏھن ڄٽُ توتي حڪمران ٿيندا، پوءِ ڇو نه نسلن جا نقصان ٿيندا؟”
ڪجھ ڏھاڙا اڳ جعفر آباد ٽرين واقعي بعد بلوچستان ۾ پکڙيل تاءُ گھٽجي ئي نه پيو، قلات ۾ چئن پنجاب واسين ۽ نوشڪي ۾ 4 پوليس اھلڪارن جي قتل سميت ڪجھ عرصي دوران بلوچن لاءِ وڏي اڳواڻ طور اڀري آيل ماھرنگ بلوچ جي 17 ساٿين سان گڏ گرفتاري ان جو ثبوت آھي ته بلوچستان ۾ ڀڙڪيل يا ڀڙڪايل باھ تيزي سان پکڙجي رھي آھي، اھڙين خطرناڪ خبرن کان پوءِ بلوچستان ۾ موجود ڪجھ دوستن سان رابطو ڪيو ته ھنن اڃا وڌيڪ فڪرائتيون ڳالھيون شيئر ڪيون، جيڪي ھتي لکنداسين ته پيڪا قانون جي آڙ ۾ اظھار جي آزادي دٻائڻ وارن کي وٺ پڪڙ جو بھانو ملي ويندو، ڇاڪاڻ ته ٻين صوبن جي ته خبر ناھي پر اسان سنڌ وارن کي ٻيو ڪو به نه، پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا ڪورآرڊينيٽر جميل سومرو ڌمڪائي پيو ته جيڪي به آصف زرداري خلاف ڳالھائيندا، انهن خلاف پيڪا قانون ھيٺ ڪيس داخل ڪرايا ويندا. سڀني کي ياد ڏيارجي ٿو ته سڄاڻ صحافين اھي ئي کُٽڪا ظاھر ڪندي ان قانون خلاف آواز اٿاريو ھو ته اھو مخالفن خلاف استعمال ٿيندو، جميل سومري طرفان لاڙڪاڻي مان ويھي ڏنل ڀڀڪي ان جو پڪو ثبوت آھي، جنھن سان ستر واري ڏھاڪي ۾ مخالفن لاءِ مشھور ٿيل اُن نعري جي ياد تازي ٿي وئي ته، “لاڙڪاني چلو، ورنه ٿاني چلو”. افسوس ته ھڪ پاسي بلاول ڀٽو زرداري ان قانون جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي وري سندس ويجھو رھندڙ بااثر جيڪو مختلف وقتن تي پارٽي اندر بي اثر به بڻايو ويندو آھي، اھو ميڊيا سامھون سرعام ڌمڪي ڏئي ٿو، پر جئين ته پنھنجو عنوان ئي سڌي ڳالھ آھي، ان ڪري اھو ممڪن ناھي ته ڌمڪين کان ڊڄي سڀني معاملن کان صفا ڪن لاٽار ڪبي. ھا باقي ڪنھن گارگند، تنقيد براءِ تنقيد ۽ الزام ھڻڻ بدران دليلن سان نه رڳو بلوچستان پر ھر ان مظلوم لاءِ آواز اٿاريو ويندو، جنھن سان بيواجبي ٿيندي. ٿي سگھي ٿو ڪنھن کي وسري ويو ھجي، پر گھڻن کي ياد ھوندو ته سپريم ڪورٽ جي ھڪ انوکي چيف جسٽس ثاقب نثار به ڪالاباغ ڊئم جي مخالفن خلاف آرٽيڪل 6 استعمال ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ھو، ان ڪري طاقت جي نشي ۾ ڳالھائيندڙ اھڙا گھڻا کوڙ آيا ۽ ويا، پيڪا جون ڌمڪيون ڏيندڙن کي ثاقب نثار جي ٿيل عزت افزائي ياد رکڻ گھرجي، ان سان گڏ حڪمرانن کي ان ڏينھن کان پڻ ڊڄڻ گھرجي، جڏھن پيڪا قانون خلاف ماڻھو ايم آر ڊي جيان روڊن تي اچي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏيندا.
ذڪر ڪيل اھم معاملن کانسواءِ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ به لکڻ جھڙو موضوع آھي، ڇاڪاڻ ته تازن انگن اکرن موجب پاڻي جي کوٽ جو 25 سالن وارو رڪارڊ ٽُٽي ويو آھي. چوڻ وارا ته اھو پڻ چون ٿا ته جيڪڏھن اھا صورتحال برقرار رھي ته ھلندڙ سال ڪڻڪ جو فصل آخري هوندو، جڏھن ته ڪجهه ضلعن ۾ چانورن جي فصل تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي، پر ڪئنالن جي منظوري ڏئي وري ان کان ِڦري ويندڙن کي ڪو اونو ئي ناھي، جڏھن ته ِاھي سڀ سنڌ ۾ معاشي تباھي جون نشانيون آھن. ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته سنڌ سوڪھڙي ۽ ڏڪار ڏانھن ڌڪجي رھي آھي، جنھن جو کٽڪو ڪجھ مھينا اڳ آيل ھڪ رپورٽ ۾ظاھر ڪيو ويو ھو.
ھتي دل چوي ٿي ته سماجي حوالي سان ٽن اھم معاملن تي به ڪجھ لکجي، ڇاڪاڻ ته سياست جي وٺ وٺان ۾ اھي ميڊيا ۾ نظر انداز ڪيا ويا. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ملڪ مالي بحران جو شڪار آھي. تنھن ھوندي به تازو غريب جو پيٽ چيري وفاقي وزيرن جون پگھارون ٻن لکن مان وڌائي پنج لک رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اشرافيا ملڪ سان ڪيتري مخلص آھي؟ جڏھن ته ٻئي پاسي سرڪاري ملازمن کي روزانو اھو ذھني صدمو ڏنو وڃي ٿو ته مالي بحران سبب پينشن ختم ڪئي ويندي، ان نشاندھي سان گڏ نامياري صحافي، ليکڪ ۽ شاعر يوسف شاھين جي سنڌي قوم نالي لکيل خط بابت ٻه لفظ نه لکجن ته زيادتي ٿيندي، جنھن ۾ ھن طاقتورن طرفان پاڻ سان ٿيل ڏاڍ مڙسي بيان ڪئي آھي، پر ڏک ٿيو ته ان خط کي ميڊيا ائين دٻائي ڇڏيو، جئين قوم کي 1947 کان دٻايو پيو وڃي. آخر ۾ ڀلوڙ صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ماڻڪ ڪنگراڻي جي دل جي دوري سبب ڪھملي وفات تي کيس ڀيٽا پيش ڪبي، جنھن سدائين مالي بدحالي واري زندگي گذاري، پر ھيڏي ويڌن ۽ اندر ۾ موجود اڌمن باوجود ھر پاسي سندس ٽھڪ گونجندا ھئا، ڏک کي مُک تي مُرڪ ۾ تبديل ڪري دنيا ۾ رھڻ جو کيس ڏانءُ ھو، پر ھو بي يارو مددگار ھليو ويو. ڪاش سندس وارثن جي مالي مدد سميت ٻيا جيڪي اعلان ٿين پيا، اھي حياتي ۾ ٿين ھا ته شايد سندس جيون جون ڪجھ گھڙيون وڌي پون ھا.
بهرحال اھي سموريون ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي اهم پر پنھنجو مک موضوع ڪئنالن خلاف پ پ جو احتجاج آھي، ان ڪري ان کي شروعات ۾ ئي بيان ڪيو. سنڌ جا سنجيدا حلقا سمجهن ٿا ته اھو سڀ ڪجھ پ پ طرفان پنھنجي کل بچائڻ ۽ ڀُٽي صاحب جي ورسي ۾ ماڻھن جي شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ نمائشي اعلان ڪيا ويندا، جيڪا اصل ۾ ڪئنالن خلاف جاري تحريڪ ھاءِ جيڪ ڪرڻ ڪوشش ھوندي، ڇاڪاڻ ته نثار کھڙي ۽ مراد علي شاھ قومپرستن سان رابطن جو اعلان ڪيو آھي ته جئين پ پ جي اڳواڻي ۾ ڪجھ ڏھاڙا تحريڪ ھلائي پاسيرو ٿي، گرمايل ماحول ڦٽائي سگھجي، ان ڪري ھاڻ ڏسجي ته ڪئنال تحريڪ ماضي جي ڪالاباغ ڊيم مخالف تحريڪ وانگر ھاءِ جيڪ ٿي ٿئي ٿي يا قومپرست ڊگھي سوچ جو مظاھرو ڪندي پ پ سان گڏ بيھڻ کان انڪار ڪري سنڌ جو پاڻي ڪيس ۽ ڪئنالن جو مسئلو پنھنجي طاقت سان اڳتي وڌائيندا؟