راڻيپور(ن پ ا) عظيم صوفي برزگ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 204 ھون عرس مبارڪ اڄ کان درازا شريف۾ شروع ٿيندو، غير سرڪاري تقريبن شروع، سرڪاري تقريب اڄ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه درازا پھچي مزار تي چادر چڙھي ڪندو، درازان کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آھي، سيڪيورٽي انتھائي سخت ڪئي وئي آھي، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور جو درازا جو دورو ڪيو، ان دوران ھنن سيڪيورٽيءَ جا انتظام چيڪ ڪيا ويا، جڏھن ته غير سرڪاري تقريبن جو افتتاح درگاھه جي سجادھه نشين خواجه عبدالحق فاروقي، سندس ڀاءُ خواجه نظر الحق فاروقي، خواجه نجم الحق فاروقي درگاھ جي خاص خليفن، عقيدتمندن سان گڏجي درگاھه تي نصب الم پاڪ جي بيرڪ تبديل ڪري اجتماعي دعا گھري ڪيو، جڏھن ته غير سرڪاري تقريبون ۾ اڄ درگاھه کي عرقي گلاب سان غسل ڏئي ڪيو ويندو، جنھن بعد شام جو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه جيلاني ۽ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھه جيلاني درازا پھچي چادر چڙھي عرس جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪندو، واضح رھي ته ھن دفعي اھو پھريون ڀيرو ھوندو ته سي ايم سنڌ ھڪ ڏھاڙو اڳ اچي عرس جي تقريبن جون افتتاح ڪندو، جڏھن ته ان کان اڳ سدائين 14 رمضان المبارڪ تي عرس جو سرڪاري طور تي افتتاح ڪيو ويندو آھي. پر ھن ڀيري 13 رمضان المبارڪ تي شام جو ٿيندو. عرس جي سيڪيورٽي جا انتظاميه چيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڊي آءِ جي سکر فيصل حيات ۽ ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ درازا پھچي سيڪيورٽي جا انتظاميه چيڪ ڪيا. ان موقعي تي ھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 11 سو پوليس اھلڪار سيڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪي عرس جا ٽئي ڏھاڙا سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا. ھر ايندڙ ويندڙ زائرين ۽ تقريبن ۾ ايندڙ شخصن تي سخت نظر رکي ويندي.