راڻيپور (ن پ ا) هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 204 ھين عرس ۾ باقي 3 ڏينھن بچيا، تياريون مڪمل ڪيون ويون، ڪالهه سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين سيد احمد فوادشاهه، ارباب علي شاهه، منير احمد چنا، غلام اڪبر ميتلو، وسيم گل سولنگي، فهيم منگي سميت ٻين کاتن جي انتظامي آفيسرن عرس مبارڪ جي تيارين جي سلسلي ۾ دورو ڪيو، جتي هنن درگاهه، پارڪنگ، سي سي ٽي وي ڪئمرائن، ڪنٽرول روم، مسافر خاني، سچل ڪلچرل ڪامپليڪس سميت نمائش گرائونڊ جو جائزو ورتو، اي سي چيئرمين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته عرس جي سلسلي ۾ انتظامن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، پانڌيئڙن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپائن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي.