سچل سرمست جو عرس سڀاڻي کان شروع: ادبي ڪانفرنس، نمائش ۽ ملاکڙو ٿيندو

0
16
سچل سرمست جو عرس سڀاڻي کان شروع: ادبي ڪانفرنس، نمائش ۽ ملاکڙو ٿيندو
سچل سرمست جو عرس سڀاڻي کان شروع: ادبي ڪانفرنس، نمائش ۽ ملاکڙو ٿيندو

خيرپور (رپورٽر) هفت زبان شاعر سخي عبدالوهاب المعروف سچل سرمست جو ساليانو 204 هون عرس مبارڪ 13 رمضان کان 15 رمضان المبارڪ ، 14 مارچ کان 16 مارچ 2025 تائين درازن ۾ ٿيندو، ان ڏس ۾ سچل يادگارڪاميٽي جي چيئرمين طرفان جاري ڪيل سٽاءَ مطابق 14 مارچ جمعي ڏينهن مزار تي شام جو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي سان گڏجي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪندا، رات جو 08 وڳي سگهڙ ڪانفرنس سچل ڪامپليڪس درازا ۾ ٿيندي، جنهن ۾ مهمان خاص سينيٽر ڪاظم شاهه هوندو، 15 مارچ ڇنڇر ڏينهن صبح جو 10 وڳي محفل سماع هال ۾ سچل سووينئر 34 جي مهورت ۽ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿيندي، جنهن ۾ مهمان خاص صوبائي وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات ذوالفقار شاهه ۽ اعزازي مهمان اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه هوندا، ساڳئي ڏينهن 12 وڳي منجهند نمائش گرائونڊ ۾ نمائش جو افتتاح خاص مهمان منظور وساڻ ۽ هالار وساڻ ڪندا، شام جو 5 وڳي ملاکڙو ٿيندو، جنهن ۾ مهمان خاص ميمبر سنڌ اسمبلي نعيم کرل، ساجد ٻانڀڻ، نادر شوڪت راڄپر هوندا، جڏهن ته رات جو 8.30 تي راڳ رهاڻ واري محفل ٿيندي جنهن ۾ خاص مهمان ميمبر قومي اسيمبلي فضل شاهه، جاويد شاهه، نفيسه شاهه، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، سيد احمد رضا شاهه المعروف سيد پيار علي شاهه، شيراز شوڪت راڄپر هوندا، ان کان علاوهه 16 مارچ آچر ڏينهن 8 وڳي سچل ڪامپليڪس ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ جي محفل ٿيندي.