خيرپور (رپورٽر) هفت زبان شاعر حضرت عبدالوهاب فاروقي سچل سرمست رحه جو 201هون عرس مبارڪ 14 رمضان المبارڪ تي راڻيپور لڳ درازا شريف ۾ ٿيندو. عرس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ سچل يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين/ ڊپٽي  ڪمشنر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته حضرت سچل سرمست جي عرس جا سمورا پروگرام شيڊول ٿيل آهن. هر سال جيان هن سال به سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مزار تي چادر چاڙهي عرس جو افتتاح ڪندو. هن جو چوڻ هو ته حضرت سچل سرمست جي پانڌيئڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.